غير اخلاقي نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل عورت آف لوڊ

غير اخلاقي نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل عورت آف لوڊ

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) اميگريشن ڪراچي ايئرپورٽ تي اميگريشن ڪليئرنس دوران دبئي ويندڙ ٻن عورتن کي آف لوڊ ڪري ڇڏيو آهي.ايف آءِ اي اختيارين موجب، فيصل آباد جي رهواسي عورت هڪ غير اخلاقي نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل هجڻ جو اعتراف به ڪيو آهي.آفيسرن چيو آهي ته جوابدار فيس بڪ ۽ واٽس اپ ذريعي عورتن کي ڀرتي ڪري رهيو هو. ڪارروائي دوران، مکيه جوابدار، جيڪو شو پيسا ۽ سفري انتظام ڪندو هو، کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار جي ڪيترن ئي موبائل فونن مان واٽس اپ چيٽس ۽ وائس نوٽس هٿ ڪيا ويا آهن. انساني اسمگلنگ ڪيس ۾ سڀني جوابدارن کي اينٽي هيومن اسمگلنگ سرڪل جي حوالي ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو