غزه (ويب ڊيسڪ)غزه ۾ اسرائيلي بربريت جو سلسلو جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ گڏيل قومن جا 9 ملازم پڻ مارجي ويا آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب غزه جي علائقي خان يونس ۾ هڪ گهر تي بمباري ڪئي وئي، جنهن سبب 7 لاش ڪڍيا ويا، جڏهن ته پناهگيرن جي ڪيمپ ۾ عمارت جي تباهي مان 7 لاش ڪڍيا ويا ۽ درجنين ماڻهو زخمي ٿي پيا.ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي بمباري ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 1100 کان وڌي ويو آهي ۽ اسپتالن ۾ طبي سامان گهٽ هلي رهيو آهي، جڏهن ته پوري غزه ۾ بجلي بند ٿيڻ سبب 2 لک کان وڌيڪ شهري پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ خوراڪ جي کوٽ پڻ ٿي وئي آهي. ٿيو..ٻئي طرف ايراني صدر ابراهيم رئيسي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان پهريون ٽيليفونڪ رابطو ڪيو جنهن ۾ ٻنهي اتفاق ڪيو ته فلسطينين خلاف جنگي ڏوهن کي ختم ڪيو وڃي.










