ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملي يڪجهتي ڪائونسل سنڌ جي صدر ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر اسدالله ڀٽو چيو آهي ته غزه امن بورڊ دراصل ٽرمپ جو ٽريپ آهي، پاڪستان سميت مسلم حڪمرانن کي ٽرمپ جي ٽريپ ۾ هرگز نه اچڻ گهرجي۔ غزه امن بورڊ جي پهرين اجلاس ۾ اسرائيلي نمائندي جي شرڪت ۽ فلسطيني نمائندي کي ٻاهر رکڻ سان بلي ٿيلو مان ٻاهر اچي چڪي آهي۔ پاڪستاني حڪمرانن جو خوشي سان بغلون وڄائڻ پاڻ فريبي کان سواءِ ڪجهه به ناهي۔ ٽرمپ جي وزيراعظم شهباز شريف جي تعريف اسرائيل جي توسيع پسندانه عزمن کي هٿي ڏيڻ لاءِ آهي۔ ثابت ٿي ويو آهي ته غزه امن بورڊ دراصل اسرائيلي منصوبن جي تڪميل لاءِ وڇايل هڪ ڄار آهي، جنهن کان مسلم حڪمرانن کي پاڻ کي بچائڻ گهرجي۔انهن خيالن جو اظهار هن اوباڙو ۾ دعوتِ افطار اجتماع کي خطاب ڪندي ڪيو۔ اجتماع کي مولانا عبدالجبار سومرو، مفتي محمد يوسف مزاري ۽ علي حسين منصوري پڻ خطاب ڪيو۔ هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل ۾ آمريڪي سفير طرفان گريٽر اسرائيل بابت تازا بيان مسلم حڪمرانن جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهن۔ اردن ۽ مصر سميت عرب زمينن تي وڌيڪ قبضي ۽ عربن جي قتلِ عام لاءِ آمريڪا اسرائيل جي سڀني منصوبن ۽ سازشن ۾ برابر جو شريڪ آهي۔ انسانن جا ٺاهيل قانون ناقص آهن، اسلامي نظام ئي امن ۽ سلامتي جو ضامن آهي۔ رمضان قرآن جو مهينو آهي، انهي مهيني ۾ قرآن جي نظام لاءِ جدوجهد وڌيڪ تيز ڪرڻ گهرجي۔










