اسلام آباد: (ويب ڊيسڪڪ) پاڪستان سميت مختلف ملڪن ۾ غزه فلوٽيلا جي حمايت ۽ اسرائيل جي خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي.پاڪستان جي مختلف شهرن حيدرآباد، سجاول، ميرپورخاص، ملتان، حب، قلات، ڊيره اسماعيل خان، بنون ۽ نوشهره ۾ سياسي ۽ مذهبي پارٽين اسرائيل جي خلاف احتجاج ڪيو ۽ ريليون ڪڍيون.ٻئي طرف اٽلي، اسپين، يونان ۽ بنگلاديش ۾ غزه فلوٽيلا جي حمايت ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب غزه ، فلوٽيلا جي حمايت ۾ ڪيل مظاهرن جي دوران اٽلي ۾ هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، روم جي مرڪزي ريلوي اسٽيشن جي ٻاهران 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جڏهن ته اسپين ۾ هزارين شاگردن سخت احتجاج ڪيو.يونان ۾ به اسرائيلي سفارتخاني جي سامهون شهرين طرفان ۽ بنگلاديش ۾ جمعي جي نماز جي ادائيگي کان پوءِ وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ميٽ پوليس طرفان لنڊن ۾ فلسطين ايڪشن جي حق ۾ مظاهرا ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ويو آهي ته مانچسٽر حملي کان پوءِ سيڪيورٽي خدشا وڌي ويا آهن. مظاهري سبب پوليس جا اهم وسيلا متاثر ٿيندا.يمن جي راڄڌاني صنعا ۾ فلسطين جي حق ۾ وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ هزارين جي انگ ۾ يمني شهرين شرڪت ڪئي. انهي موقعي تي غزه ۽ فلسطين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ته اسرائيل جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.










