اسلام آباد)بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته پارٽي اڳواڻن عمر ايوب ۽ شبلي فراز جي نااهلي سبب خالي ٿيل سيٽن تي چونڊون وڙهنداسين، هڪ بيان ۾ بئريسٽر گوهر چيو ته عمر ايوب جي زال خالي ٿيل سيٽ تي چونڊون وڙهندي. هي فيصلو پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جو فيصلو آهي، پر نااهلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ 4 درخواستون داخل ڪيون ويون آهن، جن جي ٻڌڻي اڃا تائين نه ٿي آهي، بئريسٽر گوهر چيو ته درخواست داخل ڪئي وئي آهي، پر جيڪڏهن ٻڌڻي 30 آڪٽوبر کان اڳ نه ٿي ته اها بيڪار هوندي، پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته شبلي فراز جي سيٽ تي 23 آڪٽوبر تي چونڊون شيڊول ڪيون ويون آهن، سندس درخواست آهي ته ڪو به ناانصافي نه ٿئي ۽ ڪيس شيڊول ڪيو وڃي.










