عمرڪوٽ: (ن س) عمرڪوٽ ۾ ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻه نوجوان فوت ٿي ويا.حادثو عمرڪوٽ جي ڍورونارو علائقي ويجهو پيش آيو. حادثي جي اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن جي وڏي نفري به موقعي تي پهچي وئي. ريسڪيو ٽيمن فوت ٿيل نوجوانن جي لاشن کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.ريسڪيو ذريعن موجب فوت ٿيل نوجوانن جي سڃاڻپ زوهيب نيازي ۽ مير مرتضيٰ راجڙ جي نالي سان ٿي آهي.پوليس موجب، واقعي کانپوءِ ٽريڪٽر ٽرالي جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته ٽريڪٽر ٽرالي کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڊرائيور کي جلد حراست ۾ ورتو ويندو.










