عمران ۽ بشريٰ  کي اڊيالا جيل کان منتقل ڪرڻ جا امڪان

عمران ۽ بشريٰ کي اڊيالا جيل کان منتقل ڪرڻ جا امڪان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني کي اڊيالا جيل مان منتقل ڪرڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته توشه خانه ٽو ڪيس جي فيصلي کان پوءِ پي ٽي آءِ جي باني کي اڊيالا جيل مان منتقل ڪرڻ جو امڪان آهي،راولپنڊي جي قاسم مارڪيٽ علائقي ۾ هڪ خاص جيل تيار ڪيو ويو آهي.جيل جا سڀئي انتظام ۽ ضروري قانوني گهرجون پڻ مڪمل ڪيون ويون آهن. پي ٽي آءِ جي باني سان گڏ بشريٰ بي بي کي خاص جيل ۾ منتقل ڪرڻ جو امڪان آهي، 31 جولاءِ کان خاص جيل ۾ 40 ماڻهن جو جيل اسٽاف مقرر ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته خاص جيل جي ذميواري ڊي ايس پي جيل کي سونپي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو