سموري سنڌ ۾ ثقافت جا رنگ نکري پيا،سنڌو سڀيتا کي ڀيٽا پيش

سموري سنڌ ۾ ثقافت جا رنگ نکري پيا،سنڌو سڀيتا کي ڀيٽا پيش

ڪراچي (نمائندن وٽان ) سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي گذريل ڏينهن پنهنجي ثقافت سان محبت جو ڏينهن ملهايوويو ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جي بهار لڳي وئي ، شهرن، ڳوٺن، وسندين ۽ واهڻن ۾ سٻاجهڙا سنڌي موهن جي دڙي جي ديس جي ثقافت سان ڀرپور محبت جو اظهار ڪيو ويو ڪلچر ڊي جي موقعي تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو ويو اسڪولن ۾ پڻ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون تقريرون، ٽيبلوز پيش ڪري هزارين سان پراڻي ثقافت کي اجاڳر ڪري ورتو ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان مچ ڪچهرين، راڳ رنگ جي محفلن پڻ رکيون ويون سڪرنڊ ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن طرفان ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون جسقم، ايس ٽي پي، ايس يو پي،جسم، پبلڪ سوشل فورم طرفان ريليون ڪڍيون ويون ريلي ۾ شريڪ شهرين قومي گيتن تي جهمريون هڻي سنڌ کي ڀيٽا پيش ڪئي گمبٽ ۾ ثقافتي ڏهاڙي تي ريلي ڪڍي سنڌي گيتن تي رقص ڪيو ويو ثقافتي ريلي پريس ڪلب پهچي جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي خيرپور ۾ خاڪي شاهه پل کان ريلي ڪڍي پئي وڃي ريلي ۾ شرڪت لاءِ شهري ٽوپيون، اجرڪ ۽ پٽڪا پهري پهچي ويا ريلي مختلف رستن کان ٿيندي ڇٽي چوڪ تي پهچندي جتي مک تقريب ٿيندي لاڙڪاڻي ۾ جناح باغ چوڪ وٽ مک ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي تقريب ۾ شريڪ فنڪارن قومي گيت ڳائي عظيم ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪئي تقريب ۾ شهرين طرفان پٽڪا، اجرڪ ۽ ٽوپيون پهري شرڪت ٺل ۾ ثقافتي ڏهاڙي تي جسقم، ايس يو پي، ايس ٽي پي ۽ جسم جون ڌار ڌار ريليون پراڻي پريس ڪلب وٽ ميلو مچائي سنڌي گيتن تي جهمريون هنيون ويون ڳيريلي ۾ نوجوانن پاران شاندار ريلي ڪڍي سنڌي گيتن تي جهمريون ٺارو شاهه جي ٽائون ڪميٽي ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي مک تقريب جسقم، جسم، ايس يو پي ۽ ٻين تنظيمن جي ڪارڪنن، اڳواڻن ۽ شهرين جي شرڪت عمرڪوٽ ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي تقريب، ٻارڙن پاران سنڌي گيتن تي جهمريون پريس ڪلب آڏو مک ثقافتي تقريب ۾ مختلف علائقن کان پهتل ريلين جي شرڪت تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن سنڌي گيتن تي جهمريون هڻي ڀيٽا پيش ڪئي ميرپورساڪرو۾ ثقافتي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ جسقم ۽ آل شيدي جماعت جي ريلي پوليس چوڪي کان مک بس اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي وئي ڪڍڻ ۾ پريس ڪلب سٿ پاران شاندار ثقافتي ريلي ڪڍي وئي شهرين، واپارين، استادن ۽ سياس سماجي اڳواڻن جي ٽوپيون اجرڪ پهري شرڪت گولاڙچي ۾ چڪ نمبر 25 کان شاندار ريلي ڪڍي وئي ريلي شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي ڪارن واري اسٽاپ وٽ پهتي ميرپورساڪرو۾ ثقافتي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ جسقم ۽ آل شيدي جماعت جي ريلي پوليس چوڪي کان مک بس اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي وئي ڪڍڻ ۾ پريس ڪلب سٿ پاران شاندار ثقافتي ريلي ڪڍي وئي شهرين، واپارين، استادن ۽ سياس سماجي اڳواڻن جي ٽوپيون اجرڪ پهري شرڪت شاهپور جهانيان ۾ مختلف تنظيمن طرفان ٽوپيون اجرڪ ۽ پٽڪا پائي ريلي ريلي ۾ جسقم، ايس يو پي، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻن ۽ شهرين جي شرڪت آرائين چوڪ کان نڪتل ريلي مختلف رستن کان ٿيندي باب جهانيان پهتي ڪي اين شاهه ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ريلي پرائمري اسڪول ون کان شاندار ريلي ڪڍي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون عوامي تحريڪ، پ پ، جسقم، پ پ شهيد ڀٽو، سگا ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن جي شرڪت شهدادڪوٽ ۾ ثقافتي ڏهاڙي تي مختلف تنظيمن جي پريس ڪلب کان ريلي ريلي ۾ ايس يو پي، جسقم، ايس ٽي پي، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ شهرين جي شرڪت ريلي مختلف رستن کان ٿيندي ڪوٽو موٽو چوڪ پهتي، ٽوپيون، اجرڪ ۽ پٽڪا پائي جهمريون ڪوٽڙي۾ ثقافتي ڏهاڙي تي مختلف تنظيمن طرفان ريليون ڪڍي مک تقريب ۾ شرڪت سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ ۽ پريس ڪلب طرفان المدينه چوڪ تي مک تقريب ڪوٺائي وئي ايس يو پي، ايس ٽي پي، عوامي تحريڪ، جسقم، جي يو آءِ، سجاڳ فورم جا اڳواڻ شريڪ سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ سنڌي ثقافتي ڏهاڙي تي تقريب ڪوٺائي وئي انڊس ڪلچرل سوشل فورم طرفان ڪوٺايل تقريب ۾ مردن ۽ عورتن جي وڏي انگ ۾ شرڪت تقريب ۾ فنڪارن ديبا سحر، علي گل ملاح، نعيم سنڌي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري پڙهي تقريب ۾شرڪت ڪندڙ جون سنڌي گيتن تي جھمريون ڪئنيڊا ۾ به سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايو پيو وڃي سنڌي تنظيمن سانا اونٽاريو چيپٽر، اسڪالا ڪئنيڊا طرفان تقريب ڪوٺائي وئي تقريب ۾ سنڌ واسي عورتن ۽ ٻارڙن ٽوپيون، اجرڪ ۽ ثقافتي ويس پهري شرڪت ڪئي تقريب ۾ ڪئنيڊا جي سياسي شخصيتن برامپٽن جي ميئر ۽ ٻين جي شرڪت ڪئي، سنڌ يار جي سڏ تي سڄي سنڌ ثقافتي رنگن سان رنگجي وئي، ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو راڄ رهيو، ثقافتي تقريبون منعقد ڪري ريليون ڪڍيون ويون، اسڪولن ۾ تقريبون، سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا طرفان ڪراچي پريس ڪلب آڏو مک تقريب، عوامي سمنڊ اُٿلي پيو، وڏي انگ ۾ فيمليز جي شرڪت ڪئي، ٻارن، پڪن پوڙهن ۽ عورتن جو جذبو ڏسڻ وٽان، تقريب ۾ ناميارا راڳي سر وکيري رهيا آهن، ٽوپي، اجرڪ ۽ سنڌي ويس وڳا پهريل ماروئڙن راڄڌانيءَ جي سونهن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن جي ننڍن وڏن شهرن، وستين ۽ واهڻن ۾ سٻاجهڙن سنڌين جو موهن جي دڙي جي ديس جي ثقافت سان اٿاهه عشق جو اظهار ڪيو ويو، مختلف شهرن ۾ مچ ڪچهريون، راڳ جون محفلون ۽ ريليون، ٽوپي، اجرڪ ۽ پٽڪي جو مان مٿانهون، مثالي ايڪي جا منظر ڏسڻ ۾ آيا، ڏيهه واسين جي چهرن تي خوشين جي واپس اچي وئي، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ سنڌي ثقافت جا انڊلٺي رنگ وکريل، لکين سنڌي ڪـَر موڙي جاڳي پيا، قوم کي ڀرپور سجاڳيءَ جو پيغام، ملير، سچل ڳوٺ، ابراهيم حيدري، ڀٽائي سميت ٻين علائقن ۾ به تقريبن جو منعقد ڪيونويون، سجاول، ٺٽي، بدين، ٿرپارڪر، ٽنڊي الهيار، ٽنڊي محمد خان، ڄامشوري، مٽياري، نوابشاهه، سانگهڙ ۽ نوشهري فيروز ۾ ريليون ڪڍيون پيون وڃن، خيرپور، گهوٽڪي، ميرپورماٿيلو، ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، قمبر ۽ دادو ۾ ثقافتي ميڙاڪا، سنڌو ماٿريءَ جي قديم ثقافت سان محبت جو لازوال اظهار ڪيو ويو ، سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب ۽ ثقافت سان هر جنم ۾ وفا جو وچن نڀائڻ واري عزم جو ورجاءُ، ڪروڙين سنڌ واسي سمورا ڏک ۽ اهنج وساري خوشيون ملهائڻ ۾ مصروف رهيا، ٻارن، پوڙهن پڪن، عورتن مردن جي خوشي ڏسڻ وٽان، بدين، خيرپور، ٺارو شاهه ۽ ڪنڊياري ۾ مشعل بردار ريليون ڪڍيون ويون.ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير پاران ثقافتي رنگارنگ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ملير جي مختلف علائقن مان سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ملير واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته تقريب ۾ ناليوارن فنڪارن فن جو مظاهرو ڪري ثقافتي تقريب کي چار چنڊ لڳايا، قومي گيتن تي نوجوانن پاران جهمريون هنيون، تقريب ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد، صوبائي وزير شاهينا شير علي، ايم پي ايز راجا عبدالرزاق بلوچ، يوسف مرتضيٰ بلوچ، ٽائون چيئرمينز نظير احمد ڀٽو ۽ جان محمد بلوچ، پي ٽي آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مسرور سيال، پ پ ملير جي جنرل سيڪريٽري امداد جوکيو، مارڪيٽ ڪميٽي جي چيئرمين علي زمان جوکيو، علي احمد جوکيو، ملير جيل سپريڊنٽ فهيم انور ميمڻ، قومي عوامي تحريڪ جي اشفاق چنڙ، ايس ٽي پي اڳواڻ خير محمد مگسي، ايس اين پي اڳواڻ امير قمبراڻي، ايس يو پي اڳواڻ منظور ابڙو، ساس اڳواڻ اصغر باغي، عرفان عباسي، سنڌ جرنلسٽ ڪائونسل جي اڳواڻ غازي جهنڊير، حميد سومرو، سليم جهنڊير، فياض يونس، آغا طارق پٺاڻ سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ شريڪ هئا، تقريب کي خطاب ڪندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ کي ڪا به طاقت ٽوڙي نٿي سگهي سنڌ اسان لاءِ اول ۽ آخر آهي، سنڌ هزارين سال جي تهذيب رکندڙ ڌرتي آهي، سنڌ صوفين ۽ درويشن جي ڌرتي آهي جن هميشه امن جو پيغام ڏنو آهي، اسان جي امن واري پيغام کي ڪمزوري نه سمجهي وڃي، صنعان خان قريشي چيو ته آئون ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ سمورن سنڌين کي ثقافتي عيد جون واڌايون ڏيان ٿو، سنڌ جي ماڻهن پنهنجي ثقافت سان محبت جو اظهار سنڌ سميت پوري دنيا ۾ ڪري سنڌ دشمن ڌرين کي پيغام ڏنو آهي ته اسين سڀ هڪ آهيون، اسان جو جيئڻ مرڻ سنڌ سان آهي، تقريب کي ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد خطاب ڪندي سنڌ امن پيار ۽ ڀائيچاري جي ڌرتي آهي، اسان کي سنڌي ثقافت تي ناز آهي، ثقافتي ڏهاڙي تي پوري سنڌي قوم کي مبارڪون ڏيان ٿو، سنڌي ميڊيا پاران ايڪتا ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ سان ملير سميت سموري ڪراچي اجرڪن، ٽوپين ۽ لنگين سان جرڪي اٿي آهي، سنڌ جي وحدت خلاف ڳالهائيندڙ هوش کان ڪم وٺن، ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي صدر حنيف سومرو خطاب ڪندي چيو ته ملير پريس ڪلب پنهنجي روايتن کي برقرار رکندي پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هر سال ملير واسين لاءِ ثقافتي ميڙاڪو ڪوٺائيندي آهي، هن تقريب ۾ ملير جي سمورن سياسي سماجي، قومپرست، ادبي ۽ صحافين کي گڏ ڪري پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪندا آهن، تقريب کي عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي صوبائي وزير شاهينا شير علي، ايم پي ايز راجا عبدالرزاق بلوچ، يوسف مرتضيٰ بلوچ، ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو، پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر مسرور سيال ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير پاران تقريب ۾ آيل مهمانن کي اجرڪ ۽ لنگين جا تحفا ڏنا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو