اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اڳوڻي ايم ڊي پي ٽي وي عطا الحق قاسمي جي مقرري کي ڪالعدم قرار ڏيڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي.عدالت عطاءُ الحق قاسمي نظرثاني ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.سپريم ڪورٽ عطا الحق قاسمي، اسحاق ڊار، پرويز رشيد ۽ فواد حسن فواد جون نظرثاني درخواستون منظور ڪري ورتيون.تفصيلي فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ڪرپشن يا اقربا پروري جا ڪي به ثبوت نه مليا آهن، پي ٽي وي کي 19 ڪروڙ کان وڌيڪ نقصان جو ڪو به ثبوت ناهي مليو.سپريم ڪورٽ چيو آهي ته عطا الحق قاسمي، پرويز رشيد، اسحاق ڊار ۽ فواد حسن فواد کان رقم وصولي جو فيصلو درست ناهي.










