لاهور(ويب ڊيسڪ)عدالتي حڪم تي تحريڪ انصاف اڳواڻ مونس الاهي کي اشتهاري قرار ڏيڻ جو عمل شروع ڪيو ويو.ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ مونس الاهي کي اڄ عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي آهي.هلندڙ مهيني مني لانڊرنگ ڪيس ۾ لاهور ۾ مونس الاهي جا 8 مختلف بئنڪ اڪائونٽ ۽ 6 ملڪيتون منجمند ڪيون ويون.دستاويز موجب رقم جمع ڪرائڻ ۽ ڪڍڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ سمورا بئنڪ اڪائونٽ منجمد ڪيا ويا.دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته مونس الاهي جا مختلف بئنڪ اڪائونٽس مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ڪيا ويا.










