دادو(رپورٽ، عزيزالله خاصخيلي) چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس ظفر احمد راجپوت دادو پهتو دادو بار ايسوسيئيشن ۾ وڪيلن کي خطاب دادو بار ايسوسيئيشن پاران سنڌ جي روايت موجب اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پارائي ڀليڪار ڪيو ويو، چيف جسٽس سنڌ دادو واسين جي محبت تي ٿورا مڃيان چيف جسٽس پنهنجي خطاب دوران چيو ته ڪتابن ۽ ٽائپ رائٽر جو دور هاڻي ختم ٿي چڪو آهي، هاڻي انٽرنيٽ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو جديد دور آهي ۽ عدالتن ۾ به جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي وڌايو پيو وڃي ته انصاف جي فراهمي کي وڌيڪ تيز ۽ شفاف بڻائي سگهجي هن چيو ته سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ روزانو ڪيترائي ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ رهي ٿي، جڏهن ته جون ۽ جولاءِ جي 50 ڊگري سينٽي گريڊ سخت گرمي باوجود به جج صاحبان پنهنجي ذميواريون نڀائيندا رهيا آهن. اسان جي ڪوشش آهي ته بجلي جي کوٽ سبب عدالتن جو ڪم متاثر نه ٿئي چيف جسٽس وڌيڪ ٻڌايو ته دادو لاءِ اي لائبريري جو مڪمل سامان اچي چڪو آهي سولر سسٽم پڻ مهيا ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ دادو بار لاءِ ايئر ڪنڊيشن ۽ صاف پاڻي جي ڊسپينسر ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو چيف جسٽس سنڌ اعلان ڪيو ته ميهڙ ۽ ڪي اين شاه بار لاءِ به اي لائبريري ۽ سولر سسٽم مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته دادو، ميهڙ، ڪي اين شاهه ۽ جوهي جي عدالتن ۾ سولر سسٽم فراهم ڪيا ويندا نوجوان وڪيلن کي چيو ته اوهان وٽ فرسٽ ڪلاس موقعو آهي، ڪراچي ۾ ڪنهن هڪ وڪيل کي ٽاپ نٿو چئي سگهجي ڇو ته اتي ڪيترائي قابل وڪيل موجود آهن. اڄ مان چيف جسٽس آهيان، سڀاڻي اوهان مان ئي نوجوان انهن عهدن تي پهچندا آخر ۾ چيف جسٽس دادو جي نوجوان وڪيلن کان واعدو ورتو ته اڄ محنت ڪريو، سڀاڻي ان جو سلو ضرور ملندو، مايوسي نه ڪريو، سياري پويان بهار ضرور ايندي، سختين کي برداشت ڪريو. چيف جسٽس سنڌ جسٽس ظفر احمد راجپوت جي دادو عدالت پهچڻ کان اڳ ۽ بعد ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا، جڏهن ته عدالت ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ اضافي نفري مقرر ڪئي وئي. دوري دوران چيف جسٽس سنڌ سيشن جج دادو زاهد حسين ميتلو سان گڏجي دادو عدالت جي احاطي ۾ پنهنجي نالي سان سک چين جي وڻ جو ٻوٽو پڻ لڳايو، جنهن کي ماحولياتي تحفظ ۽ سرسبز سنڌ ڏانهن اهم قدم قرار ڏنو ويو. ان موقعي تي چيف جسٽس سنڌ سان گڏ ڪمشنر حيدرآباد، ڊپٽي ڪمشنر دادو ۽ ايس ايس پي دادو، پراجيڪٽ ڊاريڪٽر سهيل مشوري،پرسنل اسسٽنٽ عزيز چنہ,رجسٽرار آصف مجيد قريشي،ايڊوڪيٽ صنوبر پنهور پڻ موجود هئا، جن عدالتي دوري دوران انتظامي معاملن بابت بريفنگ ڏني. دادو بار ايسوسيئيشن جي صدر عبدالخالق ٻگهيو، مفيد ناريجو، ايڊووڪيٽ نور نبي جمالي، ايڊووڪيٽ سنمبل شاهه پيرھني، وڪيل فضل جمالي، پانڌي خان سولنگي سميت ٻين وڪيلن پاران چيف جسٽس سنڌ جو گلن جا تحفا ڏئي شاندار استقبال ڪيو ويو، جڏهن ته وڏي انگ ۾ وڪيلن شرڪت ڪري دوري کي دادو جي عدالتي تاريخ لاءِ اهم قرار ڏنو.










