’عدم اعتماد جي رٿ بعد اسمبلي ٽوڙي صدر آئين جي خلاف ورزي ڪئي ‘

’عدم اعتماد جي رٿ بعد اسمبلي ٽوڙي صدر آئين جي خلاف ورزي ڪئي ‘

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) سپريم ڪورٽ بي اعتمادي جي رٿ کانپوءِ صدر پاران اسيمبلي ٽوڙڻ کي غير آئيني قرار ڏيندي چيو آهي ته اسيمبلي کي غير آئيني ٽوڙڻ غداري جي زمري ۾ اچي ٿو. ملڪ ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته چونڊن جو معاملو سمورين پارٽين جي رضامندي سان حل ڪيو ويو آهي، عوام کي چونڊيل نمائندن کان پري نه ٿو رکي سگهجي. سمجھڻ سان اڳتي وڌو.ملڪ ۾ 8 فيبروري تي عام چونڊون ڪرائڻ تي اتفاق ٿيڻ کان هڪ ڏينهن بعد، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) جمعي تي سپريم ڪورٽ ۾ چونڊن جي تاريخ بابت نوٽيفڪيشن جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن کي ”پٿر تي ليڪ“ قرار ڏنو ويو. يعني ان ۾ ڪا به ڦير ڦار نه ٿيندي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ”اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اليڪشن ايڪٽ جي آرٽيڪل 57(1) تحت پنهنجا اختيار استعمال ڪندي ۽ ان حوالي سان ٻين سمورن اختيارن کي استعمال ڪندي، 8 فيبروري 2024ع کي عام چونڊن لاءِ پولنگ جي تاريخ جو اعلان ڪري ٿو. ڪيترن ئي مهينن جي انتظار ۽ غير يقيني صورتحال کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ۽ صدر ڊاڪٽر عارف علوي گذريل ڏينهن چونڊن جي تاريخ تي اتفاق ڪيو هو. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ايوان صدر جو دورو ڪيو ۽ صدر جي مشوري سان پولنگ جي تاريخ مقرر ڪئي. ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ 11 فيبروري جي تجويز ڏني هئي پر سپريم ڪورٽ، کين صدر سان مشوري لاءِ چيو هو. اليڪشن ڪميشن کي اليڪشن جي تاريخ مقرر ڪرڻ جو معاملو حل ڪري عدالت کي آگاهه ڪرڻ جي به هدايت ڪئي هئي. اڄ اٽارني جنرل عدالت ۾ اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفڪيشن پڙهي ٻڌايو، جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا هاڻي سڀ خوش آهيو؟ “سڀني ڌرين انهن جي منظوري ڏني آهي،” جنهن بعد جسٽس عيسيٰ فيصلو لکرائڻ شروع ڪيو. هن چيو ته صدر عارف علوي 13 سيپٽمبر تي اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو هو، جنهن ۾ هن اليڪشن ڪميشن کي چونڊن بابت عدليه کان هدايت وٺڻ جي صلاح ڏني هئي. چيف جسٽس چيو ته قانون ۽ آئين موجب اليڪشن جي تاريخ مقرر ڪرڻ ۾ سپريم ڪورٽ جو ڪو ڪردار ناهي، چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي ته صدر ان معاملي تي عدالت کان هدايت وٺڻ جي تجويز ڪيئن ڏني هئي. چيف جسٽس چيو ته صدر آئين جي آرٽيڪل 186 مان رهنمائي وٺي سگهي پيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ صدر جهڙي آئيني آفيسن کي ائين ڪرڻ گهرجي جيڪو آئين چوي. ڪميشن ۽ صدر ۾ چونڊ تاريخ تي اختلافن وارو معاملو غير ضروري طور عدالت آندو ويو. اليڪشن جي تاريخ مقرر نه ڪرڻ سبب ملڪ ۾ ٻڏتر جي صورٽهال پيدا ٿي ءٌ اهو به چيو پئي ويو ته چونڊ ٿيندي يا نه. عدالت، صدر ۽ ڪميشن کي نتيجي تي پهچڻ ۾ مدد ڪئي ۽ چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ ۾ عدالت جو ڪو به آئيني ڪردار ناهي. چيف جسٽس چيو ته هاڻي آئين تي عمل ڪرڻ جو وقت آهي ۽ آئين جي تاريخ تي به نظر وجهڻ جي ضرورت آهي. جڏهن به آئين جي خلاف ورزي ٿي ته عوام ان جي قيمت چڪائي آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پي ٽي آءِ سربراهه جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته بي اعتمادي واري رٿ کانپوءِ قومي اسيمبلي ٽوڙي عمران خان آئيني بحران پيدا ڪيو. هن اهو به ياد ڪيو ته هڪ جج اڳ ۾ تجويز ڪيو هو ته صدر کي آئين جي آرٽيڪل 6 (غداري) تحت مقدمو ڪيو وڃي. ”اها عجيب ڳالهه آهي ته صدر اهي اختيار استعمال ڪيا جن جو کيس اختيار ئي نه هو. چيف جسٽس چيو ته چونڊن بابت شڪ پيدا ڪندڙ خبرون هلائڻ به آئين جي ڀڃڪڙي آهي، اي جي پي کي هدايت ڪئي ته پيمرا اهڙن ميڊيا هائوسز خلاف ڪارروائي کي يقيني بڻائي.

پهنجو تبصرو موڪليو