لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف صوبي ۾ ٿيل ضمني چونڊن ۾ مسلم ليگ(ن) جي شاندار ڪاميابي تي شڪر جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي عوام خدمت ڪندڙن کي ٻيهر کان سرخرو ڪري ڇڏيو آهي.پنجاب جي وزيراعليٰ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته چونڊون بيانن سان نه پر ڪم سان کٽيون وينديون آهن، مشهوري جي دعويٰ پٽ پئجي وئي، 2024 جي چونڊن ۾ هارجي ويل سموريون سيٽون مسلم ليگ(ن) کٽي ورتيون.هوڏانهن پنهنجي هڪ پيغام ۾ ڪامياب قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي مبارڪباد ڏيندي هن چيو ته نفرت، فتني ۽ فساد جو باب ختم ٿي ويو. خدمت ۽ ترقي جو نئون دور شروع ٿي چڪو آهي، وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته وقت بدلجي چڪو آهي، عوام جي ترجيحات به بدلجي چڪي آهي، هاڻ پاڪستان ترقي طرف اڳيان وڌي رهيو آهي.هن چيو ته مسلم ليگ(ن) جي واضح سوڀ عوام طرفان ترقي جي سفر کي وڌيڪ تيزي سان وڌائڻ جو پيغام آهي. هن چيو ته عوام ٻن لفظن ۾ فيصلو ڪيو آهي جيڪو ڪم ڪندو اهوئي ووٽ وٺندو. بيلٽ باڪس ذريعي پيغام اچي چڪو آهي ته پاڪستان کي فتنته الفساد نه شاندار مستقبل گهرجي.










