ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ سائنسي تعليم کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ سرڪاري اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پاڪستان جي پهرين ميگنفي سائنس سينٽر ميوزيم جو مطالعاتي دورا ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. صوبي جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه اعلان ڪيو آهي ته صوبي جي هر ڊويزن ۾ 6 جديد سائنس ايجوڪيشن سينٽر قائم ڪيا ويندا، جڏهن ته سرڪاري اسڪولن جي شاگردن لاءِ سائنسي مشاهدي تي ٻڌل مطالعاتي دورا ڪرائڻ جو باقاعده ساليانو ڪيلنڊر پڻ جاري ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت سائنس جي تعليم کي ھٿي ڏيڻ جي عمل جو آغاز ڪري چڪي آهي. STEAM مقابلن جي ڪامياب انعقاد هن سلسلي جي شروعات هئي ۽ سائنس سينٽرن جي قيام جو فيصلو انهي تسلسل جي حصو آهي. ان ڏس ۾ تعليم واري وزير اڄ ڪراچي ۾ The Dawood Foundation پاران قائم ڪيل پاڪستان جي پهرين سائنس ميوزيم ميگنفي سائنس سينٽر جو دورو ڪيو، جتي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر فواد سومرو پاران سندن استقبال ڪيو ويو. صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ سينٽر جا مختلف حصا پڻ ڏٺا. ان دوران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هي پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون جديد ۽ انٽرايڪٽو سائنس سينٽر آهي، جتي سائنس کي تفريحي ۽ عملي انداز ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو. هن موقعي تي سيد سردار علي شاهه چيو ته سرڪاري اسڪولن جي شاگردن کي سائنسي مشاهدي سان ڳنڍڻ لاءِ مطالعاتي دورا وقت جي اهم ضرورت آهن. هن چيو ته جديد دور ۾ صرف نصابي تعليم ڪافي ناهي، پر عملي تجربا ۽ مشاهدي واري انداز ۾ سکڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ پڻ ضروري آهن. هن چيو، “ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ اسان پنهنجي ٻارن کي ڪنهن به صورت پوئتي نه ٿا ڇڏي سگھون.” تعليم واري صوبائي وزير مطابق سنڌ حڪومت ڊويزنل سطح تي 6 سائنس سينٽر قائم ڪندي، جيڪي خانگي شعبي جي شراڪت سان هلائي ويندا. انهي سلسلي ۾ ميگنفي سائنس سينٽر جا تجربا ۽ سفارشون فائدي مند ثابت ٿي رهيون آهن ته جيئن منصوبي ۾ مؤثر ترقي ڪئي وڃي. هن موقعي تي سنڌ حڪومت ۽ دي داؤد فائونڊيشن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ بابت پڻ ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي. انهي سلسلي ۾ هڪ مفاهمتي يادداشت (MoU) فيبروري جي آخر تائين طئي ڪئي ويندي، جنهن تحت سرڪاري اسڪولن جي شاگردن لاءِ ميگنفي سائنس سينٽر جا مطالعاتي دورا باقاعده ميڪينزم تحت ترتيب ڏنا ويندا ۽ ساليانو ڪيلنڊر به جاري ڪيو ويندو، ته جيئن سنڌ جي هر سرڪاري اسڪول جي شاگردن کي بنا ڪنهن چارج جي مطالعاتي دورو ڪرڻ جو موقعو ملي. انهي ڪيلنڊر ۾ هيريٽيج سائيٽس، ثقافتي مرڪز ۽ ٻيا قومي ورثي وارا ماڳ پڻ شامل هوندا. سنڌ ڪابينا پاران هن منصوبي لاءِ گرانٽ جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي، جنهن تحت هلندڙ مالي سال ۾ 30 ملين روپيا ۽ ايندڙ مالي سال ۾ 60 ملين روپين تائين گرانٽ فراهم ڪئي ويندي. حڪومت شاگردن جي سهولت لاءِ سالياني بنيادن تي باقاعده ادائيگي جو ميڪينزم پڻ ترتيب ڏيندي. سيد سردار علي شاهه چيو ته مطالعاتي دورن سان شاگردن کي عملي ۽ تجرباتي انداز ۾ سکڻ جا موقعا ملندا، جنهن سان انهن ۾ سائنسي تجسس، تنقيدي سوچ ۽ تخليقي صلاحيتن کي فروغ ملندو. صوبائي وزير دوري دوران ميوزيم جي ميگرووز ايڪو سسٽم گيلري کي خاص طور تي ساراهيندي چيو، “ٻارن کي اها سوچ ڏني وڃي ته ترقي سان گڏوگڏ ماحولياتي تحفظ به سندن پهرين ذميواري هجڻ گهرجي.” صوبائي وزير مطابق هن شراڪت سان سرڪاري اسڪولن جي شاگردن کي عالمي معيار جي سائنسي سهولتون دستياب ٿينديون ۽ صوبي ۾ معياري تعليم کي ھٿي ڏيڻ جا نوان رستا به کلي ويندا.










