اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري چيني حڪومت جي دعوت تي اڄ کان 21 سيپٽمبر تائين چين جو دورو ڪندو.پرڏيهي آفيس موجب، صدر شنگھائي، چينگدو ۽ سنڪيانگ جي دوري دوران چين جي صوبائي قيادت سان ملاقات ڪندو.ملاقاتن ۾ پاڪستان-چين لاڳاپن، واپاري ۽ اقتصادي تعاون ۽ چين-پاڪستان اقتصادي راهداري تي بحث ڪيو ويندو. ٻئي ملڪ گهڻ طرفي فورمن ۾ تعاون تي پڻ بحث ڪندا.سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به صدر سان گڏ چين جو دورو ڪندو.










