شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو شڪارپور پهچي شهيد ايس ايڇ او خميسو خان بروهي جي وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي آءِ جي سنڌ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ مان هتي پنهنجي انتهائي بهادر ايس ايڇ او خميسو خان بروهي کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ ۽ سندس خاندان سان ڏک ونڊڻ لاءِ آيو آهيان. خميسو خان بروهي بهادري سان اڪيلي سر ڌاڙيلن سان مقابلو ڪيو، ڦر کي ناڪام بڻايو ۽ پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو. هن بهادر آفيسر علائقي جي امن امان ۽ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت خاطر پنهنجي جان قربان ڪئي، جنهن تي مان ذاتي طور هتي اچي کيس سلام پيش ڪريان ٿو. آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته منهنجي پوري پوليس فورس لاءِ اهو پيغام آهي ته جيڪو به اهڙي بهادري سان عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪندو، اهو اسان جو هيرو هوندو. سنڌ پوليس ۽ سنڌ سرڪار شهيدن جي خاندانن جو خيال پنهنجي خاندان وانگر رکنديون آهن، اها اسان جي پاليسي جو حصو آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن پوليس ٽن ڏوهارين کي انجام تائين پهچايو آهي، جڏهن ته شڪارپور پوليس ضلعي ۾ هاڻي تائين 110 ڌاڙيلن کي انجام تائين پهچائي چڪي آهي. انشاءَالله باقي به يا ته قانون آڏو پيش ٿيندا يا وري اهڙي ئي نموني قانوني ڪارروائي جو منهن ڏسندا. آءِ جي سنڌ چيو ته ڪچي واري علائقي ۾ جاري آپريشن اسان شروع ڪيا آهن، جن ۾ ڪافي ڪاميابي ملي آهي. ڊگهي عرصي کان اندرين سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر هلي رهيو هو، جنهن کي ختم ڪرڻ جو اسان پڪو ارادو ڪيو آهي. سرڪاري پاليسي موجب ڌاڙيلن کي قانون جي دائري اندر اچڻ جو هڪ موقعو ڏنو ويو آهي، جيڪي ان پاليسي تي عمل نه ڪندا، انهن سان سختي سان نمٽو ويندو. اسان وٽ الله جي فضل سان وسيلا به موجود آهن، ڄاڻ به موجود آهي ۽ انشاءَالله ڏوهارين کي ڪٿي به سڪون سان ويهڻ نه ڏبو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار ۽ جهيڙا به موجود آهن، انهن کي ختم ڪرائڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي. سرڪاري پاليسي تحت انهن کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن. قبيلائي تڪرارن ۾ شامل ڏوهاري عنصرن کي قبيلن کان مڪمل طور الڳ رکڻ چاهيون ٿا، ڇو ته ڏوهاري ماڻهو قبيلائي جهيڙن کي هٿي ڏئي پنهنجا ناجائز ڪم جاري رکڻ چاهين ٿا، جن سان سختي سان نمٽيو ويندو. البت جيڪي باعزت شهري مجبوري سبب انهن تڪرارن ۾ ڦاٿل آهن ۽ ان لعنت مان نڪرڻ چاهين ٿا، انهن لاءِ هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. ان موقعي تي آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڊھو سان گڏ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب، ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ سميت جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ ٻين ضلعن جا ايس ايس پيز به موجود هئا.










