شڪارپور: (ن س) ڳڙهي ياسين ٽول پلازا ويجهو هڪ تيز رفتار پوليس موبائيل اونڌي ٿي وئي.تيز رفتاري سبب پوليس موبائيل اونڌي ٿي وئي، جنهن ۾ 4 پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا. اطلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122 موقعي تي پهچي وئي ۽ زخمي پوليس اهلڪارن کي فوري طور تي سول اسپتال منتقل ڪيو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته زخمي پوليس اهلڪارن مان ٽن کي نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. زخمين ۾ علي رضا، شڪيل، رازق، حيدر علي شامل آهن.پوليس اختيارين جو وڌيڪ چوڻ هو ته پوليس موبائيل ڪشمور کان لاڙڪاڻي وڃي رهي هئي ته تيز رفتاري سبب اونڌي ٿي وئي.










