شڪارپور: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو

شڪارپور: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو

شڪارپور (ڊر) ميان صاحب ڀرسان پراڻي تڪرار تان نوجوان قتل، علائقي ۾ خوف ۽ هراس. شڪارپور جي علائقي ميان صاحب ويجهو همايون شريف ٿاڻي جي حد پير جليل ۾ بکراڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي خوني تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر انساني جان ڳڙڪائي ورتي، جتي 23 ورهين جو نوجوان بگن پٽ دلشير بکراڻي پنهنجي ئي برادري جي هٿان بيدردي سان قتل ٿي ويو. اطلاعن موجب، ڌرين وچ ۾ پراڻي دشمني سبب اوچتو جهيڙو ڀڙڪي پيو، جنهن دوران فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو. نتيجي ۾ نوجوان بگن سخت زخمي ٿي پيو، جيڪو وڌيڪ رت وهڻ سبب موقع تي ئي دم ڏئي ويو. واقعي جي اطلاع ملڻ شرط همايون شريف پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سلطانڪوٽ سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي ضروري ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ذريعن موجب، بکراڻي برادري وچ ۾ ڪافي عرصي کان خوني تڪرار هلندڙ آهي. تقريباً ٻه مهينا اڳ پڻ ساڳئي تڪرار تان گلشن عرف گلشو بکراڻي قتل ڪيو ويو هو، جنهن جي پلاند ۾ اڄ ٻيهر رت وهي ويو آهي. علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب خوف ۽ هراس پکڙيل آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. جڏهن ته علائقي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ پوليس نفري مقرر ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو