شڪارپور: نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ اهلڪار شهيد، هڪ سخت زخمي

شڪارپور: نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ اهلڪار شهيد، هڪ سخت زخمي

شڪارپور: (ن س) شڪارپور جي علائقي رحيم آباد ويجهو نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو.
پوليس اختيارين موجب شهيد اهلڪار جي سڃاڻپ صدام اوٺو جڏهن ته زخمي اهلڪار جي سڃاڻپ يونس لاشاري جي نالي سان ٿي آهي، حملي آور فائرنگ ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
شهيد اهلڪار جو مڙهه ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس سکر ريفر ڪيو ويو آهي.
واقعي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي، داخلي ۽ خارجي راستا سيل ڪري سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو