شڪارپور، پوليس چوڪيءَ تي ڌاڙيلن جو حملو، اهلڪار شهيد

شڪارپور، پوليس چوڪيءَ تي ڌاڙيلن جو حملو، اهلڪار شهيد

شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) شڪارپور ۾ پوليس چوڪيءَ تي ڌاڙيلن جو حملو، اهلڪار شهيد، سنڌ جي گهرو وزير جو نوٽيس، ضلع شڪارپور ۾ ڏوهاري ٽولن هڪ ڀيرو ٻيهر قانون لاڳو ڪندڙ اداري کي نشانو بڻائيندي پوليس چوڪيءَ تي حملو ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو جڏهن ته پوليس جي وڏي نفري هنڌ کي گهيري ۾ وٺي ڳولا مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. تفصيل موجب ٿاڻي نيو فوجداري جي حدن اندر زرخيَل لنڪ روڊ تي قائم پوليس چوڪيءَ تي اڻڄاتل هٿياربند ماڻهن اوچتو ڪاهه ڪري ڏني. حمله آورن بنا روڪ ٽوڪ فائرنگ ڪئي، جنهن سبب ڊيوٽي تي موجود پوليس اهلڪار صغیر سنجراني سخت زخمي ٿي پيو. کيس ترت ئي علاج لاءِ اسپتال نيو پئي ويو پر هو زخم سهي نه سگهيو ۽ شهيد ٿي ويو. پوليس عملدارن اهلڪار جي شهادت جي پڪ ڪئي آهي. ذريعن موجب هٿياربند واقعي کان پوءِ شهيد اهلڪار جو سرڪاري هٿيار پاڻ سان کڻي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي سڄي علائقي کي گهيري ۾ وٺي داخلي ۽ خارجي رستن تي ناڪابندي ڪري ڇڏي. ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ ڳولا مهم جاري آهي جڏهن ته ويجهن علائقن ۾ به ڇاپا هنيا پيا وڃن. واقعي کان پوءِ زرخيَل لنڪ روڊ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سخت ڏهڪاءُ واري فضا ڇانيل آهي. مقامي رهواسين پوليس اهلڪار جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي جوابدارن جي ترت گرفتاري جو گهر ڪيو آهي. ٻئي پاسي سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار واقعي جو ترت نوٽيس وٺندي ايس ايس پي شڪارپور کان شروعاتي قدمن ۽ هن مهل تائين ٿيل اڳڀرائي بابت تفصيلي رپورٽ گهري ورتي آهي. گهرو وزير هدايت جاري ڪئي آهي ته سڄي ضلعي ۾ ڇاپا هڻندڙ ٽولن کي سرگرم ڪيو وڃي ۽ پوليس اهلڪار جي شهادت ۾ ملوث ڏوهارين کي جديد ۽ فني ڄاڻ جي بنياد تي حاصل ڄاڻ جي سهاري جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته واقعي جي هر اڳڀرائي کان کين پل پل آگاهه رکيو وڃي ۽ جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي کين قرار واقعي سزا ڏيارِي وڃي. گهرو وزير شهيد اهلڪار جي قرباني کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته پوليس فورس جون بهادريون ۽ قربانيون اجايو نه وينديون. شهيد پوليس اهلڪار صغیر سنجراني جو لاش ضروري قانوني ڪارروائي کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو ويندو. پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي ڳولا لاءِ گهڻ رخي جاچ جاري آهي ۽ جلد اهم اڳڀرائي جي اميد آهي. ياد رهي ته شڪارپور ۽ ڀرپاسي جي ڪچي علائقن ۾ ڏوهاري ٽولن جي سرگرمين سبب پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ وقفي وقفي سان مقابلا ٿيندا رهندا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو