شهري ادارن ۽ عمارتن کي باهه وسائڻ جو بندوبست ڪن

شهري ادارن ۽ عمارتن کي باهه وسائڻ جو بندوبست ڪن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي محنت ۽ سماجي تحفظ واري وزير سعيد غني چيو آهي ته گل پلازا ۾ باهه لڳڻ واري واقعي ۾ هاڻي تائين ڇهه ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته عمارت اندر اڃا تائين ڪيترائي ماڻهو آهن ۽ شهرين تي زور ڏنو ته اهي ادارن سان تعاون ڪن. هن چيو ته تازن سالن ۾ باهه جا ڪيترائي واقعا ٿيا آهن، ۽ شهرين کي پنهنجن ادارن ۽ عمارتن ۾ باهه وسائڻ جا انتظام ڪرڻ گهرجن.صوبائي وزير سعيد غني چيو ته عمارت ۾ هنگامي نڪرڻ جا رستا ضرور شامل ڪيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو