شهدادپور، 20 پوليس اهلڪار نوڪري مان برطرف

شهدادپور، 20 پوليس اهلڪار نوڪري مان برطرف

شھدادپور:(ن س) ايس ايس پي سانگهڙعابد بلوچ جي پوليس جي ڪارين رڍن خلاف وڏي ڪاروائي شھدادپور تعلقي جي درياخان رند ايٽ مقصودو رند ٿاڻي ۽ سرھاڙي ٿاڻي جي وڏن منشين ھڪ ايس آء سميت 20 پوليس اهلڪارن جون نوڪريون چٽ ڪري ڇڏيو ايس ايس پي سانگهڙ عابد بلوچ پاران پوليس نفري کي پوليس لائين سانگھڙ پهچائڻ ۽ ايمرجنسي ۾ قاضي احمد ۾ نفري نه پهچڻ تي ڊيوٽي ۽ فرضن ۾ غفلت ڪوتاهي ڪندڙ سرهاڙي ٿاڻي جي وڏي منشي اصغر مگسي اي ايس آئي عبدالغفور پلهه. پوليس اهلڪار عثمان. محمد اسحاق. خورشيد علي. نادر خان. سراج الدين، دريا خان رند ايٽ مقصودو رند ٿاڻي جي وڏي منشي شبير سميجو، ننڍي منشي زاھد زرادري،. پوليس اھلڪار وريام زرداري. شير علي زرداري. فرمان منگي. قاصر رند. رمضان ڏاهري. علي نواز ٻگهيو سهراب جمالي سميت 20 پوليس اھلڪارن جي نوڪري چٽ ڪندي کين نوڪرين مان برطرف ڪري ڇڏيو آهي اهڙي حڪم بعد سانگھڙ ضلعي جي ٻين ٿاڻن جي پوليس اهلڪارن ۾ ٿرٿلو مڇي ويو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو