پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر سيف چيو آهي ته شريف خاندان پنجاب جي ماڻهن جو پئسو لنڊن منتقل ڪري رهيو آهي.هڪ بيان ۾ بئريسٽر سيف چيو ته پنجاب حڪومت 10 ٽريلين رپين جي مالي بي ضابطگين جو جواب ڏيڻ کان قاصر آهي.هن چيو ته آڊٽ رپورٽ تي خاموشي پنجاب ۾ لٽ مار ۽ ڪرپشن جو واضح ثبوت آهي، پنجاب ۾ منصوبا عوامي ڀلائي جي بدران ڪميشن لاءِ شروع ڪيا ويا آهن.هن چيو ته 10 ٽريلين رپين جو اسڪينڊل صرف آڊٽ رپورٽ ۾ ظاهر ٿيو، باقي ڪرپشن ان کان سواءِ آهي.










