شب برات وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي،دعائون

شب برات وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي،دعائون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملڪ بھر ۾ رحمتن ۽ برڪتن واري رات وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.شب برات تي مسجدن ۽ گهرن ۾ خاص دعائون گهريون ويون، ماڻهو رات جو نوافل ادا ڪرڻ، قرآن جي تلاوت ۽ خاص دعائون ڪرڻ ۾ مصروف رهيا.ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، اسلامي دنيا جي شان و شوڪت، ڪشمير ۽ فلسطين جي آزادي ۽ مرحومين جي مغفرت ۽ بلند درجن لاءِ دعائون گهريون ويون.وڏي انگ ۾ شهري پنهنجي پيارن جي قبرن تي حاضر ٿيا ۽ انهن جي آرام لاءِ قرآن ۽ فاتحه پڙهي.گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري رات دير سان قبرستانن جو دورو پڻ ڪيو ۽ قبرستانن ۾ لڳل مختلف فلاحي اسٽالن جو معائنو ڪيو. هن پاڪستان جي سلامتي لاءِ خاص دعا پڻ ڪئي.عالمن شعبان جي پندرهين رات کي بيشمار خوبين سان نوازيو آهي. عالمن جو چوڻ آهي ته هن رات الله تعاليٰ جي حڪم سان بندن جي سال جي روزي، زندگي ۽ موت لکي ويندي آهي. هن رات ۾ ڪيل عبادت جون فضيلتون تمام گهڻيون آهن ۽ هي رات الله جي ويجهو ٿيڻ جو هڪ خاص موقعو فراهم ڪري ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو