پشاور /ملتان(ويب ڊيسڪ)اپيليٽ ٽربيونل پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا.ملتان جي اپيليٽ ٽربيونل جي جج جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي.شاهه محمود قريشي پاران اين اي 150، 151 ۽ پي پي 218، پي پي 219 تي نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جون درخواستون داخل ڪيون جنهن کي ٽربيونل پڻ رد ڪري ڇڏيو،جڏهن ته اپيلٽ ٽربيونل شاهه محمود جي ڌيءَ مهربانو ۽ پٽ زين قريشي جون اپيلون منظور ڪري ورتيون.ٻئي طرف پشاور ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ اليڪشن ٽربيونل اسد قيصر جي اپيل منظور ڪندي سندس ڪاغذ صحيح قرار ڏئي ڇڏيا.










