حيدرآباد (ن س )حيدرآباد ۾ اغوا ٿيل شادي هال جي مالڪ کي 20 لک رپين جي ڀنگ ڏيڻ کان پوءِ آزاد ڪيو ويو.پوليس موجب، حيدرآباد جي حالي روڊ تان هڪ شادي هال جي مالڪ کي اغوا ڪيو ويو ۽ بعد ۾ 20 لک رپين جي ڀنگ وٺڻ کان پوءِ آزاد ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته شادي هال جي مالڪ کي پنجن ماڻهن اغوا ڪيو هو، جن ۾ ٽي سادا ڪپڙا پهريل پوليس آفيسر به شامل هئا.پوليس موجب، اغوا ۾ ملوث ٽن پوليس آفيسرن کي گرفتار ڪري معطل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڀنگ جي رقم به هٿ ڪئي وئي آهي.










