سکر: (ن س) سکر جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل چوهاڻ ۾ اڻڄاتل هٿياربندن چوري جي واردات دوران مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ ڪري نوجوان اسلم کي قتل ڪري ڇڏيو،اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ سکر سول اسپتال پهچايو، ايئرپورٽ پوليس ٻڌايو ته ڳوٺ گل چوهاڻ ۾ 6 کان وڌيڪ اڻڄاتل هٿياربند چوري جي ارادي سان هڪ گهر ۾ داخل ٿيا ته گهر ڌڻين هٿياربندن سان مزاحمت ڪئي، جنهن تي هٿياربند فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا،پوليس موجب مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سکر سول اسپتال پهچايو آهي، مقتول جي سڃاڻپ اسلم ولد چوڏهيو جي نالي سان ٿي آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي.










