سکر: پوليس مقابلي ۾ 2 گهربل ڌاڙيل مارجي ويا

سکر: پوليس مقابلي ۾ 2 گهربل ڌاڙيل مارجي ويا

سکر (ن س )سکر جي ڳوٺ خانو ناپر علائقي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ ٻه ڌاڙيل مارجي ويا ۽ انهن کان هٿيار هٿ ڪيا ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته ڇهه هٿياربند ڌاڙيل هڪ موبائل ڪمپني جي ٽاور مان بيٽريون چوري ڪرڻ لاءِ پهتا. پوليس موجب، اطلاع ملڻ تي جڏهن پوليس ٽيم واقعي واري هنڌ پهتي ته ڦورن فائرنگ ڪئي، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 2 ڦورو مارجي ويا جڏهن ته 4 فرار ٿي ويا. سکر پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڌاڙيل چوري، ڦر، پوليس مقابلن ۽ ٻين واقعن ۾ گهربل هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو