سپريم ڪورٽ ملازمن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي درخواست منظور

سپريم ڪورٽ ملازمن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي درخواست منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اطلاعات جي حق تحت پنهنجي ملازمن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.عدالت رجسٽرار آفيس کي 7 ڏينهن اندر سپريم ڪورٽ ملازمن جي ڄاڻ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته رجسٽرار سپريم ڪورٽ 7 ڏينهن اندر درخواستگذار کي معلومات فراهم ڪري.جسٽس اطهر من الله فيصلي ۾ اضافي نوٽ به لکيو آهي.فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ چيو آهي ته اطلاعات تائين رسائي جو حق سپريم ڪورٽ تي لاڳو نٿو ٿئي، آرٽيڪل 19 اي تحت معلومات تائين رسائي شهرين جو حق آهي.سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته ڄاڻ ڏيڻ جي درخواست ڪندڙ شخص لاءِ سبب ڏيڻ ضروري آهي، درخواستگذار کي انٽرا ڪورٽ اپيل ۽ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل لاءِ جمع ڪرايل فيس واپس ڪئي وڃي ۽ فيصلو پڻ ٻڌايو وڃي. اردو ۾ جاري ڪيو ويو. گا، معلومات فراهم ڪندڙ جو فرض آهي ته سببن جو جائزو وٺي.

پهنجو تبصرو موڪليو