ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب حب ريور روڊ کان طوري بنگش روڊ اتحاد ٽائون جي بحالي واري ميگا انفراسٽرڪچر منصوبي جو سنگِ بنياد رکيو. هي منصوبو 850 ملين رپين کان وڌيڪ لاڳت واري ترقياتي اسڪيمن جو حصو آهي، جنهن جو مقصد شهري ترقي، بهتر سفري سهولتون، نيڪالِ آب جا پراڻا مسئلا حل ڪرڻ ۽ ڪچي آبادين کي پائيدار ترقي جي ڌاري ۾ شامل ڪرڻ آهي. ان موقعي تي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر لياقت اسڪاڻي، ڪي ايم سي سٽي ڪائونسل ۾ پارلياماني ليڊر ڪرم الله وقاصي، ڊپٽي پارلياماني ليڊر دل محمد، يو سي چيئرمين عارف تنولي، چونڊيل نمائندا، ڪي ايم سي جا آفيسر ۽ علائقي جي رهواسين جو وڏو انگ موجود هو. تقريب کي خطاب ڪندي ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته حب ريور روڊ کان طوري بنگش روڊ اتحاد ٽائون جي بحالي انتهائي اهم منصوبو آهي، جيڪو ٻن ضلعن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو ۽ اورنگي، ڪيماڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن لاءِ هڪ اهم شاهراهه جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته هن منصوبي تي 80 ڪروڙ رپين جي لاڳت ايندي ۽ حب ريور روڊ کي ڊوئل ڪيريج وي ۾ تبديل ڪيو ويندو ته جيئن ٽريفڪ جي پراڻن مسئلن جو مستقل حل ممڪن بڻجي سگهي. ميئر ڪراچي چيو ته 12 هزار 500 فٽ ڊگهي ڊوئل ڪيريج وي جي تعمير ٽريفڪ جي رواني بهتر ڪرڻ طرف اهم قدم آهي. منصوبي ۾ 8 هزار فٽ جديد ڊرينيج سسٽم شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نيڪالِ آب جي بهتري لاءِ 21 هزار فٽ کان وڌيڪ آر سي سي پائپ لائين وڇائي ويندي. انهن قدمن سان علائقي ۾ برساتي پاڻي ۽ ٻوڏ جهڙي صورتحال جو خاتمو ممڪن بڻجندو. هن چيو ته حب ريور روڊ تي اسٽريٽ لائيٽس لڳايون وينديون، جڏهن ته طوري بنگش جي اندروني گهٽين ۾ پيور بلاڪس وڇايا پيا وڃن. ڪچي آبادين ۾ پيور بلاڪس پائيدار ترقي جي علامت آهن ۽ بلديه عظميٰ ڪراچي شهر جي ڪچي آبادين کي به جديد سهولتون فراهم ڪري رهي آهي ته جيئن شهرين جي زندگيءَ جي معيار ۾ بهتري آڻي سگهجي. ميئر ڪراچي چيو ته طوري بنگش ۾ گهٽين جي بحالي سان عوام کي بهتر سهولتون ملنديون، جڏهن ته روڊن ۽ گهٽين جي بهتري سان مجموعي طور زندگيءَ جو معيار بلند ٿيندو. هن زور ڏنو ته شهري ترقي لاءِ جديد ۽ پائيدار انفراسٽرڪچر انتهائي ضروري آهي ۽ بلديه عظميٰ ڪراچي عوامي فلاح جا منصوبا بنا ڪنهن فرق جي جاري رکندي. ميئر ڪراچي وڌيڪ چيو ته روڊ جي تعمير کان اڳ نيڪالِ آب جو نظام ۽ ٻيون يوٽيلٽيز بهتر ڪيون وينديون ته جيئن مستقبل ۾ شهرين کي ڪا تڪليف پيش نه اچي. هن ٺيڪيدار کي هدايت ڪئي ته منصوبو مقرر وقت اندر مڪمل ڪيو وڃي ۽ اعلان ڪيو ته هي ڪم ايندڙ ڇهن مهينن ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته هي علائقي جي عوام جو پراڻو مسئلو هو، جنهن کي اڄ حل ڪيو پيو وڃي، ۽ هي ڏينهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت پاران عوام سان ڪيل واعدن جي تڪميل جو ڏينهن آهي. ميئر ڪراچي چيو ته وسيلن جي ڪا کوٽ ناهي، سڀ فنڊ بجيٽ ۾ موجود آهن ۽ عوام جي ٽيڪسن جو پئسو صرف عوامي سهولتن تي خرچ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته هو پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي مشن ۽ ويزن تي عمل پيرا آهي ۽ ڪراچي جي هر ٽائون، هر ضلعي ۽ هر يو سي ۾ بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪرڻ جو عزم رکي ٿو. هن چيو ته صرف پريس ڪانفرنسن ۽ تنقيد سان مسئلا حل نٿا ٿين، مسئلا حل ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا آهن، ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي هي ڪم بهتر نموني سان ڪري رهي آهي. پاڻيءَ جي مسئلن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته حب ڊيم مان نئين ڪئنال وجهي پاڻيءَ جي مسئلي جي حل لاءِ ڪوشش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پاڻيءَ جي پمپنگ سان لاڳاپيل مسئلا به جلد حل ٿي ويندا. ان مقصد لاءِ جاپان مان جديد مشينري منگهرائي وئي آهي ۽ اضافي پاڻي حاصل ڪرڻ تي به ڪم جاري آهي. ميئر ڪراچي ڪي-فور منصوبي جو ذڪر ڪندي چيو ته ان جي مختلف مرحلن تي ڪم جاري آهي ۽ ڪي-فور جو پاڻي ڪراچي جي گهٽين ۽ محلن تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته ڪي-فور ڪراچي جي تاريخ جو سڀ کان وڏو پاڻيءَ جو منصوبو آهي. ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته اپوزيشن ۾ ۽ حڪومت ۾ بيان بدلجي وڃن ٿا. هن چيو ته 2021ع ۾ تڏهوڪي اپوزيشن ليڊر ڪراچي آيا هئا ۽ پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته ڪراچي ايترو وڏو شهر آهي جيڪو سڄي ملڪ کي هلائي ٿو، تنهن ڪري وفاقي حڪومت کي به صوبائي ۽ مقامي حڪومت سان گڏ شهر لاءِ مدد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هو شهباز شريف صاحب کي گذارش ڪري ٿو ته 2021ع ۾ ڏنل بيان تي عمل ڪن. ميئر ڪراچي چيو ته اهو ممڪن ناهي ته ڪراچي سڀ مسئلا پاڻ حل ڪري ۽ وفاقي حڪومت شهر لاءِ ڪجهه به نه ڪري. هن چيو ته وزيراعظم کي لاهور سان گڏ ڪراچي بابت به سوچڻ گهرجي ۽ پنهنجن واعدن کي پورو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته 1970ع ۾ هن شهر ۾ سرڪلر ريلوي هلندي هئي، جيڪا بند ٿي وئي، پارڪن ۽ گرائونڊن تي قبضا ٿي ويا. انسان کي اهو واعدو ڪرڻ گهرجي جيڪو هو پورو ڪري سگهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت کي به ڪراچي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ تعصب ۽ تنقيد جي سياست ڪڏهن به شهر جو ڀلو ناهي ڪيو. اسان کي گڏجي ڪراچي جي مسئلن جو حل ڪڍڻو آهي ۽ بلديه عظميٰ ڪراچي عوامي خدمت، تعمير ۽ ترقي ۽ شهري سهولتن جي فراهمي جي مشن تي ساڳئي جذبي سان ڪم ڪندي رهندي. بعد ۾ ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب ضلعي ڪيماڙي ۾ تقريبن 56 ملين رپين جي لاڳت سان اسپارڪو روڊ جي بحالي واري منصوبي جو به سنگِ بنياد رکيو. ان موقعي تي هن چيو ته اسپارڪو روڊ بحالي منصوبو شهري ترقي طرف هڪ اهم سنگِ ميل آهي ۽ جديد ۽ پائيدار انفراسٽرڪچر انتهائي ضروري آهي. هن منصوبي ۾ 48 هزار اسڪوائر فٽ پيور بلاڪس ۽ 65 هزار اسڪوائر فٽ اسفالٽ ويئرنگ ڪورس شامل آهي. هن چيو ته هن منصوبي سان ٽريفڪ جي رواني بهتر ٿيندي ۽ شهري سهولتن ۾ نمايان بهتري ايندي. هن چيو ته اسپارڪو روڊ تي جديد سيوريج نظام ۽ معياري روڊ تعمير ڪيا پيا وڃن ته جيئن عوام کي محفوظ ۽ بهتر سفري سهولتون فراهم ڪري سگهجن. ترقياتي منصوبن جو بنيادي مقصد شهرين جي زندگي کي آسان بڻائڻ ۽ شهر جي انفراسٽرڪچر کي جديد بڻائڻ آهي. ميئر ڪراچي چيو ته ڪي ايم سي شهر جي هر ضلعي ۾ ترقياتي ڪم هڪجهڙن بنيادن تي ڪري رهي آهي ۽ بلديه عظميٰ ڪراچي عوامي فلاح جا منصوبا بنا ڪنهن فرق جي جاري رکندي. هن چيو ته عوام جي ٽيڪسن جو پئسو عوامي سهولتن تي خرچ ڪيو پيو وڃي ۽ ترقياتي منصوبن جي معيار تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. ان کان علاوه ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب بلديه ٽائون ۾ زيرِ تعمير فٽبال اسٽيڊيم ۽ عبدالرحمان گوٺ، يو سي-2 ۾ واقع فٽبال گرائونڊ جي ڪم جو به جائزو ورتو. هن چيو ته فٽبال اسٽيڊيم نوجوانن لاءِ صحتمند سرگرمين جو مرڪز بڻجندو ۽ راندين جي واڌاري سان نوجوانن کي مثبت رخ ملي سگهندو. هن چيو ته بلديه عظميٰ ڪراچي شهر ۾ اسپورٽس ڪلچر جي واڌاري لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي ۽ ڪراچي جي نوجوانن کي بين الاقوامي معيار جون راندين جون سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن. فٽبال اسٽيڊيم جي تعمير سان مقامي ٽيلنٽ کي اڳتي اچڻ جا موقعا ملندا ۽ نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار لاءِ پليٽ فارم مهيا ٿيندو. هن چيو ته هر ٽائون ۾ راندين جي ميدانن جي بحالي ۽ تعمير بلديه عظميٰ ڪراچي جي ترجيحن ۾ شامل آهي، ڇاڪاڻ ته نوجوانن کي راندين ڏانهن راغب ڪرڻ معاشرتي بهتري لاءِ انتهائي ضروري آهي.










