سيڪيورٽي واپس وٺي اسان کي ڊيڄاري نٿو سگهجي

سيڪيورٽي واپس وٺي اسان کي ڊيڄاري نٿو سگهجي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ۽ صحت بابت وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال هڪ دفعو ٻيهر ڪراچي کي فوري طور تي وفاق جي ڪنٽرول ۾ وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪراچي جهڙو اهم شهر سنڌ حڪومت جهڙي نااهل صوبائي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ نه هجڻ گهرجي، ڪراچي کي فوري طور تي وفاق جو حصو بنايو وڃي. وفاق هڪ نوٽيفڪيشن جي ذريعي ڪراچي کي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو. وفاق کي آرٽيڪل 148 جي تحت ڪراچي کي ڪنٽرول ۾ وٺڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو