سيڪيورٽي انتظام ڪريون پيا،علماءِ ڪرام تعاون ڪن

سيڪيورٽي انتظام ڪريون پيا،علماءِ ڪرام تعاون ڪن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ممتاز شيعه عالمن (علماءِ جعفريه) سان اهم اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ يومِ علي، يومِ قدس ۽ جمعه الوداع جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو ۽ علائقي جي موجوده صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، ضياءَ الحسن لنجار، رياض حسين شاهه شيرازي، سينيٽر وقار مهدي، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ آءِ جي پوليس جاويد عالم اوڍو شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ شامل علمائن ۾ علامه سيد شهشاهه نقوي، علامه نثار احمد قلندري، علامه سيد باقر حسين زيدي، سيد شبر رضا ۽ ٻيا مذهبي اڳواڻ شامل هئا۔ اجلاس جي شروعات آيت الله علي خامنه اي ۽ ٻين شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا سان ڪئي وئي۔ اجلاس دوران يومِ علي، يومِ قدس ۽ جمعه الوداع جي موقعي تي سيڪيورٽي ۽ انتظامي قدمن بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون۔ شرڪت ڪندڙن ايران تي تازن حملن کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جي تناظر ۾ عوام جي رهنمائي بابت پڻ پنهنجا خيال پيش ڪيا۔ ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته ملڪ هن وقت جنگ جهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي تنهن ڪري پوري قوم کي اتحاد، ڀائيچاري ۽ صبر جو مظاهرو ڪرڻو پوندو۔ هن چيو ته جيڪڏهن عوام کي موجوده حالتن بابت مناسب رهنمائي ڏني وڃي ته غيرضروري مسئلن کان بچي سگهجي ٿو۔ مراد علي شاهه چيو ته شهر ۾ امن امان برقرار رکڻ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ علمائن سان مشاورت جو مقصد هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۽ امن قائم رکڻ جي ڪوششن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي۔ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اهم مذهبي ڏينهن جي موقعي تي سيڪيورٽي ۽ انتظامي انتظامن کي وڌيڪ مؤثر بڻايو ويندو۔ وڏي وزير يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت بهترين ممڪن سيڪيورٽي انتظام ڪري رهي آهي ۽ علمائن کان حڪومت سان سهڪار جي اپيل ڪئي۔ شرڪت ڪندڙن سنڌ حڪومت ۽ علمائن جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو۔ وڏي وزير عوام کي به اپيل ڪئي ته هو ذميواري جو مظاهرو ڪن ۽ امن امان برقرار رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن۔ اجلاس ان اتفاق راءِ سان پڄاڻي تي پهتو ته سنڌ حڪومت ۽ علماءِ ڪرام صوبي ڀر ۾ امن، ڀائيچاري ۽ مذهبي هم آهنگي جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو