سيوهڻ: (ن س ) تيز رفتار ڪوچ ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ ٻه ماڻهو فوت ٿي ويا.افسوسناڪ حادثو انڊس هاءِ وي تي سن ۾ پيش آيو جتي هڪ تيز رفتار موٽرسائيڪل مخالف طرف کان ايندڙ ڪوچ سان ٽڪرائجي وئي. حادثي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار ٻئي ماڻهو موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. حادثي جي اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ امدادي ٽيمون موقعي تي پهچي ويون، فوتين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا.










