سيوهڻ: پسند جي شادي تي تڪرار، گهر مان 3 عورتون اغوا

سيوهڻ: پسند جي شادي تي تڪرار، گهر مان 3 عورتون اغوا

سيوهڻ(ن س) ڳوٺ جان محمد ڀٽي ۾ جوابدار هڪ گهر ۾ گهڙي 3 عورتن کي اغوا ڪيو، ايس ايس پي ظفر سدي موجب، هي واقعو ڳوٺ جان محمد ڀٽي ۾ پيش آيو جتي جوابدار هڪ گهر ۾ گهڙي 3 عورتن کي اغوا ڪيو، ايس ايس پي چيو ته ان سلسلي ۾ دهشتگردي ايڪٽ تحت 20 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث 2 ماڻهن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي موجب، ڪجهه وقت اڳ هڪ نوجوان مخالف برادري جي پنهنجي پسند جي ڇوڪري سان شادي ڪئي هئي. ٻنهي برادرين ۾ پسند جي شادي تي تڪرار هو، جنهن تي مخالف گهر ۾ گهڙي عورتن کي اغوا ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته اغوا ٿيل عورتن جي بازيابي لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته ان دوران فائرنگ ۾ 2 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو