اوٻاوڙو ( رپورٽر) گهوٽڪي جي رونتي جي علائقي ۾ شر، سيلرا، ڌونڌو قبيلا تڪرار تان، رونتي جي ڪچي ۾ خوني ويڙهه، پنج ڄڻا مارجي ويا، 8 زخمي، علائقي ۾ راڪاس گهمي ويو، خبرموجب گهوٽڪي جي علائقي رونتي جي ڪچي واري جي ڳوٺ محبوب سيلرو تي صبح سوير شر برادري جي سوين هٿياربندن چڙهائي ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ابراهيم سيلرو، صحبت سيلرو، حميد سيلرو، اياز ڌونڌو، ۽ علي گوهر ڌونڌو گوليون لڳڻ سبب موقعي تي مارجي ويا. جن جا لاش سول اسپتال اوٻاوڙو منتقل ڪيا ويا، جتان ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ساڳئي واقعي ۾ ڄام سيلرو، دلبر سيلرو، عظيم سيلرو، قائم سيلرو، نديم سيلرو، حنيف سيلرو، ۽ منظور سيلرو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي شروعاتي طبي امداد ڏيڻ بعد رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي چئن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. مليل ڄاڻ موجب ته واقعي کانپوءِ سمورو ڏينهن ڌرين ۾ ڇتي ويڙهه جاري رهي، ڳوٺاڻان خوف سبب گهرن ۾ بند ٿي ويا. علائقي ۾ هٿياربندن جي آزاد گهمڻ ۽ ڳوٺن تي چڙهائين سبب ڪچي ۾ سمورو ڏينهن دهشت ڇانيل رهي. مقامي ماڻهن موجب پوليس اهلڪار ڪچي جون پڪٽون ڇڏي پڪي واري پاسي بند تي واپس بيهي رهيا ۽ ڪنهن به ڌر جي خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي. پنج ماڻهن جي مارجڻ ۽ 8 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ بعد ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران پوليس جي وڏي نفري سان گڏ رونتي جي بيا پڪٽ تي پهتو ۽ علائقي جو جائزو ورتو. جنهن بعد ايس ايس پي انور کيتران جي نگراني ۾ پوليس عملدارن ڪچي واري علائقي ۾ ڊرون ڪيمرا ذريعي ڏوهارين جي حرڪتن تي نظر رکي، جنهن بعد فائرنگ ۾ ڪجهه دير لاءِ ٺاپر اچي وئي، خبرفائيل ڪرڻ تائين ڪچي ۾ ڌرين پاران وقفي وقفي سان هڪ ٻئي مٿان فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو جڏهن ته واقعي جو ڪو ڪيس وغيرهه داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي…. ھوڏانھن گهوٽڪي جي رائونتي جي ڪچي ۾ شر گينگ جي ڌاڙيلن پاران بڪتر بند گاڏي تي راڪيٽ لانچرن سان حملو هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٻھ ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا واقعي بعد سکر گهوٽڪي پوليس سميت رينجرز جا وڏا اٽالا واقعي واري پهچي ويا فائرنگ جو سلسلو جاري خبر موجب گهوٽڪي جي رائونتي واري علائقي ۾ صبح جو شر گينگ جي هٿياربندن پاران قبيلائي تڪرار تان سيلرا ء ڌونڌو زات جي پنجن ڄڻن کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ واري واقعي بعد گهوٽڪي پوليس پاران علائقي کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو هون جنهن بعد شر گينگ جي هٿياربندن پاران پوليس جي بڪتر بند گاڏي تي راڪيٽ لانچرن سان حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ بڪتر بند گاڏي ۾ ويٺل پوليس اهلڪار امجد ڊرگ موقعي تي شهيد ٿي ويو جڏهن ته پوليس اهلڪار خليل لغاري ء زوار بوهڙ سخت زخمي ٿي پيا زخمين ء شهيد جي مڙھ کي تعلقا اسپتال آندو ويو جتان زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيميار خان منتقل ڪيو ويو آهي اهڙي واقعي بعد ڊي آء جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ ايس ايس پي سکر امجد مغل ء رينجرز جي آفيسرن سميت پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي سيل ڪري ڇڏيو آهي زريعن موجب ته رائونتي جي علائقي ۾ رينجرز ء پوليس اهلڪارن جو ڌاڙيلن سان مقابلو جاري آهي جڏهن ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ سکر ء خيرپور ضلعن مان به وڏي پوليس نفري کي طلب ڪيو ويو آهي










