اسلام آباد (بيورو رپورٽ)فنانس بل 2024ع تحت سوين درآمدي شين تي ريگيوليٽري ڊيوٽي جي شرح ۾ اضافو ڪيو ويو آهي.ايس آر او موجب درآمدي شين تي 5 سيڪڙو کان 55 سيڪڙو تائين ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي، زنده مڇي جي درآمد تي 10 سيڪڙو ۽ منجمد مڇين تي 35 سيڪڙو ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي.فنانس بل تحت امپورٽ ٿيل کير، ڪريم تي 25 سيڪڙو، دہی، مکڻ، ميوا تي 20 سيڪڙو، امپورٽ ٿيل ماکي تي 30 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي.امپورٽ ٿيل کجور، انجير، انناس، امرود ۽ آم تي 25 سيڪڙو، امپورٽ ٿيل چيري تي 35 سيڪڙو، انب، ليچي تي 45 سيڪڙو، مڪئي تي 30 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي جي شرح رکي وئي،امپورٽ ٿيل پرفيوم، ميڪ اپ پروڊڪٽس، اسڪن ڪيئر آئٽمز، مختلف وار ڪيئر آئٽمز تي 55 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي، امپورٽ شيونگ ڪريم ۽ صابن تي به 50 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي.ٽرڪ سوٽ، رومال، شال، مفلر، ويلز، ٽائي، ڪمبل کانسواءِ عورتن لاءِ درآمد ٿيل اوورڪوٽ، ٽوپي، جيڪٽ، پتلون، مردن لاءِ شارٽس، امپورٽ اوور ڪوٽ، جيڪٽس، ڊريس، اسڪرٽس، پتلون ۽ عورتن جي درآمدي شين تي 10 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي.درآمد ٿيل واٽر پروف بوٽن، چمڙي جي بوٽن، واش بيسن، باٿ ٽب، ٽوائلٽس تي به ريگيوليٽري ڊيوٽي وڌائي وئي آهي.امپورٽ ٿيل زيورن تي به ريگيوليٽري ڊيوٽي جي شرح 45 سيڪڙو تائين لاڳو ڪئي وئي آهي.










