سول آرمڊ فورسز پاران بجيٽ ۾ فوج لاءِ اعلان ڪيل خصوصي الائونس جي گهر

سول آرمڊ فورسز پاران بجيٽ ۾ فوج لاءِ اعلان ڪيل خصوصي الائونس جي گهر

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سول آرمڊ فورسز بجيٽ ۾ فوج جي لاءِ 50 ۽ 20 سيڪڙو اعلان ڪيل خصوصي الائونس گهري ورتو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته سول آرمڊ فورسز به فوج جيان خصوصي الائونس جي منظوري لاءِ گهرو وزارت کي درخواست ڏئي ڇڏي آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سول آرمڊ فورسز اهلڪار سرحدن جي حفاظت، اندروني سلامتي ۽ پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي آپريشن ۾ خدمتون انجام ڏيندا رهيا آهن. انهي ڪري خصوصي الائونس سمورن کاتن جي آفيسرن، عهديدارن ۽ انهن جي مساوي اهلڪارن لاءِ به منظور ڪيو وڃي.حڪومتي ذريعن موجب سنڌ رينجرز، پنجاب رينجرز، گلگت بلتستان اسڪاٽوٽس، ايف سي سائوٿ، ايف سي نارٿ خيبرپختونخواهه ۽ ايف سي نارٿ بلوچستان به خصوصي الائونس جي فراهمي لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو