ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته حقيقتن جي ابتڙ نفرت تي ٻڌل بيان ۽ سوشل ميڊيا جي سستن نعرن سان تاريخ کي تبديل نٿو ڪري سگهجي.پنهنجي بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي جي مسئلن سان پيپلز پارٽي نه ڪڏهن غافل رهي آهي ۽ نه وري اڄ غافل آهي. پاڻي، سيوريج، روڊ ۽ انفرااسٽرڪچر جا مسئلا آهن جنهن کي اڳوڻي نام نهاد شهري حڪومتن جي ڏهاڪن جي غفلت جنم ڏنو.هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ئي اها واحد پارٽي آهي جيڪا عملي قدمن جي ذريعي عوام جي زخمن تي مرهم رکي رهي آهي. ڪي فور، سالڊ ويسٽ مينجمينٽ، بس سروسز ۽ ٻيا ترقياتي منصوبا مسلسل حڪومتي ڪاوشن جو ثبوت آهن.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت هميشه وسيلن جي مصفاڻي ورهاست تي يقين رکيو آهي. ڪراچي جو پئسو ڪراچي تي لڳايو پيو وڃي. سنڌ جون سرڪاري اسپتالون نه صرف جديد سهولتون فراهم ڪري رهيون آهن پر انهن جو ماڊل ٻين صوبن جي لاءِ مثال بڻجي رهيو آهي.هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه وفاق جي مضبوطي، صوبائي خودمختاري ۽ عوامي فلاح کي اڳيان رکيو آهي. سنڌ جي باشعور عوام کي خبر آهي ته ڪير انهن جي خدمت ڪري رهيو آهي ۽ ڪير صرف بيانن جي سياست ذريعي پنهنجون ناڪاميون لڪائي رهيو آهي.










