سهراب ڳوٺ مان افغان عورت ۽ 3 ٻارن جا ڦاهو لڳل لاش هٿ

سهراب ڳوٺ مان افغان عورت ۽ 3 ٻارن جا ڦاهو لڳل لاش هٿ

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سهراب ڳوٺ جي علائقي گنا منڊي ۾ هڪ گهر مان 4 لاش هٿ آيا آهن. ريسڪيو اختيارين موجب گهر مان 4 لاش مليا جن مان هڪ لاش عورت ۽ 3 ٻارن جا آهن.پوليس ٻڌايو ته ٻارن جي عمر 2، 4 ۽ 8 سالن جي وچ ۾ آهي جڏهن ته چئني لاشن کي ڦاهو لڳل آهي. ظاهري طور تي اهو معاملو آپگهات جو لڳي رهيو آهي. فوت ٿي ويلن ۾ 30 ورهين جي عورت فاطمه، 10 ورهين جي سونم، 3 ورهين جي آرزو ۽ 2 ورهين جو ارمان شامل آهن.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته عورت جي مڙس کي گرفتار ڪيو ويو آهي معاملي جي جاچ جاري آهي. مڙس جي بيان موجب واقعو گهريلو جهيڙي سبب پيش آيو آهي.پوليس موجب فوت ٿي ويل عورت جو تعلق افغانستان سان آهي جڏهن ته سندس مڙس نجيب الله جو تعلق ليه سان آهي. نجيب الله سبزي منڊي ۾ ڪم ڪندو آهي، انهي افغان عورت سان ٻئي شادي ڪئي هئي.سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار سهراب ڳوٺ واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ايسٽ سان رابطو ڪيو جنهن تي انهي کي ٻڌايو ويو ته شروعاتي طور تي واقعو آپگهات جو لڳي رهيو آهي. پر حتمي نتيجو شاهدين جي مڪمل جائزي کان پوءِ ئي سامهون ايندو، واقعي جو سمورن رخن کان جائزو ورتو پيو وڃي.صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار پوليس اختيارين کي هدايت ڏني آهي ته جاچ ۽ تحقيق جي عمل کي انتهائي غير جانبدار ۽ شفاف بنايو وڃي، جلد ئي جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو