ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت 2 فيبروري کان تصديق ٿيل هارين کي يوريا ڀاڻ تي سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.سنڌ جي زراعت واري وزير جو چوڻ آهي ته يوريا ڀاڻ جي سبسڊي لاءِ 12 ارب رپين کان وڌيڪ رقم جاري ڪئي وئي آهي. تصديق ٿيل ڪڻڪ جي آبادگارن کي 8 هزار رپيا في ايڪڙ يوريا سبسڊي ملي سگهي ٿي.صوبائي وزير چيو ته 212,171 هارين جي فهرست سنڌ بينڪ ڏانهن موڪلي وئي آهي، ۽ سنڌ جي زراعت کاتي تصديق ٿيل هارين کي سبسڊي جي رقم جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي ڪڻڪ جي آبادگارن کي سبسڊي جي رقم فراهم ڪئي پئي وڃي. تصديق ٿيل آبادگار سومر کان سنڌ بينڪ ۽ لاڳاپيل بينڪ مان پئسا حاصل ڪري سگهن ٿا.










