ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته هاڻي ڪا به گاڏي ڪمپيوٽرائيزڊ فٽنيس کان سواءِ روڊ تي نه هلي سگهندي. هڪ بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ موٽر گاڏين جو سڄو نظام ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي ڪا به گاڏي ڪمپيوٽرائيزڊ فٽنيس کان سواءِ روڊ تي نٿي هلي سگهي.هن چيو ته صحت کاتي ايمبولينس کي واضح هدايتون ڏنيون آهن ته ڪهڙين حالتن ۾ سائرن ۽ لائيٽ استعمال ڪرڻ گهرجن. سائرن صرف مريض کي کڻڻ ۽ اسپتال منتقل ڪرڻ وقت استعمال ڪيو ويندو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته ٽرانسپورٽ کاتي پاران وڌيڪ نيون بسون خريد ڪرڻ جو عمل جاري آهي، ڪجهه بسون بندرگاهه تي موجود آهن، جڏهن ته سنڌ حڪومت 500 وڌيڪ بسن جي اجازت ڏني آهي، هر شهري کي بهتر ٽرانسپورٽ سهولتون فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ترجيح آهي.










