ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ شڪارپور ۾ گھوٽ سوڌو قبيلائي دھشتگردي ۾ ٽن ڄڻن جي قتل واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي ھن کي لاقانونيت جي انتھا ۽ سنڌ تي مڙھيل پ پ جي سترھن سالن جي ڪاري دور جو نتيجو قرار ڏنو اھي ۽ گھر ڪئي تہ قاتلن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي قرار واقعي سزا ڏني وڃي .ھن اڄ ھڪ بيان ۾ چيو تہ شڪارپور ۾ رت جي راند تي ڪٿي آھي حڪومت قانون ۽ انصاف؟سنڌ ۾ وڌندڙ قبيلائي جھيڙا ھڪ ناسور بڻجي ويا آھن پيپلزپارٽيءَ جي سنڌ حڪومت کي ان دھشتگردي ۾ ملوث ظالم سردارن جي پٺڀرائي ختم ڪرڻ گھرجي. 18مھينن دوران صرف مھر. جتوئي قبيلائي تڪرار ۾ 50 کان وڌيڪ حياتيون ڳڙڪائي ويو جڏھن تہ سوين ويڙھا ۽ ھزارين گھر ويران ٿي چڪا آھن. قبيلائي جھيڙن ڪري امن جو پکي اڏامي ويو تعليم توڙي ڪاروبار تھا ٿي ويو آھي پر حڪومت اگھور ننڊ ۾ آھي لڳي ٿو تہ سنڌ حڪومت ڌاڙيل راڄ کان ويندي قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ سنجيده ڪونہ آھي. قبيلائي تڪرارن ۾ ملوث سردارن کي پ پ حڪومت جي مڪمل پٺڀرائي حاصل آھي. حڪومت وڙھايو حڪومت ڪريو واري فارمولي تي عمل ڪري رھي اھي.ظالم وڏيرا شاھي جي خاتمي کان سواءِ قبيلائي جھيڙا ختم ٿيندا ۽ نہ ئي وري سنڌ ترقي توڙي مسئلا حل ٿيندا. ھن ڏکويل خاندان سان ھمدردي مرحومين جي مغفرت ۽ پونيئرن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي آهي. #










