ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ رجسٽرار پاران عدالتي احاطي ۾ سياسي سرگرمين, احتجاجن ۽ تقرين تي پابندي واري نوٽيفڪيشن ۽ پوليس گردي خلاف ڪراچي پاران سڀاڻي عدالتن ۾ هڙتال جو اعلان ڪيو ويو. ڪراچي بار پاران 26 ۽ 27 هين ترميم خلاف ڪوٺايل ڪنوينشن ۾ صدر عامر نواز وڙائچ چيو ته سڀاڻي عدالتن ۾ عام هڙتال ڪئي ويندي. گذريل ڏينهن ڪراچي بار ايسوسيئيشن 26 ۽ 27 هين ترميمن خلاف سٽي ڪورٽ کان سنڌ هاءِ ڪورٽ تائين ريلي ڪڍي ڪنويشن منعقد ڪيو ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مک گيٽ تي احتجاجي ريلي پهتي ته نوجوان وڪيلن پاران سنڌ ها۽ ڪورٽ اندر ڪنويشن ڪرڻ جو اسرا ڪيو ويو, جنهن بعد سمورا وڪيل نعريبازي ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مک گيٽ جون رڪاوٽون ٽوڙي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي نيو بار روم ۾ داخل ٿي ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو, هلندڙ ڪنويشن دوران بار روم جي بجلي بند ٿي وئي, جنهن بعد وڪيل نعري بازي ڪندي سنڌ ها۽ ڪورٽ جي احاطي ۾ جمع ٿي ويا ۽ اتي ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو, ڪنوينشن کي خطاب ڪندي وڪيل اڳواڻن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ, پيڪا ايڪٽ, 26 ۽ 27هين ترميمن خلاف سموري ملڪ جا وڪيل هڪ پيج تي آهي, ڪارن قانونن خلاف سمورا وڪيل ڊي تي به گڏ ٿيڻ لا۽ تيار آهن, عامر نواز وڙائچ چيو ته ڪنهن به صورت ۾ 26 ۽ 27 هين ترميمون قبول نه ڪنداسين, وڪيل اڳواڻ ناياب شاهه چيو ته 27 هين ترميم ۾ جيڪا ڇوٽ ڏني وئي آهي, اها ڇوٽ ته اسلام ۾ به نه آهي, اها ترميم سرار اسلام جي خلاف آنڌي وئي آهي,اسلامي جهموريه پاڪستان جي اندر ڪنهن کي به ڇوٽ ڏيڻ نه ڏينداسين, سمورا وڪيل اهڙي ڪاري قانون کي رد ٿا ڪن, جيستائين ايهي ڪارا قانون واپس نه ورتا ويندا تيستائين تحريڪ نه رڪندي ۽ نه جهڪندي, هن چيو ته هنن جي جنگ عدليا جي آزادي لا۽ آهي ۽ اها جنگ مرڻ گهڙي تائين وڙهنداسين, ميرپور خاص بار جي صدر چيو ته هو پاڪستان ۽ سنڌ کي ٽڪڙا ٿيڻ نه ڏينداسين, سنڌ ۽ پاڪستان تي پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏينداسين, ڪارن قانون کي رد ٿا ڪريون, ڪراچي بار جي نائب صدر ڪاظم مهيسر چيو ته هو عدالتن ۽ ججن کي بچائڻ نڪتا آهيون, ڪارن قانونن تحت سنڌ جي لٽ ڦر ٿيڻ نه ڏينداسين, وڪيلن پاران هڪ آئين ٻه دستور نا منظور نا منظور جا نعرا پڻ هنيا ويا, ڪنوينشن ۾ سموري سنڌ جي وڪيل اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران وڪيلن ۽ پوليس آفيسرن ۾ جهيڙو ٿيو،ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا چيو ته هاءِ ڪورٽ ٻاهران هڪ پوليس آفيسر سان بدتميزي ڪئي وئي، هن چيو ته ان حوالي سان رجسٽرار سنڌ هاءِ ڪورٽ کي خط لکيو ويندو، ۽ ان حوالي سان بار ايسوسيئيشن کي به لکيو ويندو.ڊي آءِ جي اسد رضا چيو ته قانوني ڪارروائي جي سڀني پهلوئن جو جائزو ورتو پيو وڃي
مشهور خبرون










