سنڌ ۾ صنعتي ترقي لاءِ سٺي ورڪنگ رليشن شپ قائم ڪنبي

سنڌ ۾ صنعتي ترقي لاءِ سٺي ورڪنگ رليشن شپ قائم ڪنبي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)صوبائي وزير صنعت ۽ واپار ڄام اڪرام الله ڌاريجو ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري (ڪاٽي) پاران مشهور صنعتڪار ايس ايم تنوير جي اعزاز ۾ ڏنل ڊنر ۾ مهمان خاص طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صنعتڪارن کي درپيش مسئلن، صوبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن ۽ سنڌ حڪومت پاران صنعتي ترقي لاءِ کنيل قدمن تي پڻ بحث ڪيو ويو. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو ڊنر جي ميزباني ڪرڻ ۽ صنعتڪارن کي گڏجي ويهڻ ۽ انهن جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ تي ڪاٽي جي عملدارن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته صوبي جي صنعتڪارن، سيڙپڪارن ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ سنڌ صوبي ۾ صنعتي ترقي لاءِ هڪ سٺو ورڪنگ رليشن شپ قائم ٿيندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو