ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته سنڌ سونهاري پيار، امن، محبت ۽ ڀائيچاري جي ڌرتيءَ آهي، ايڪتا ڏهاڙي تي سنڌ کي منشيات ۽ ڌاڙيل ڪلچر کان نجات حاصل ڪرڻ جو عزم ڪيو وڃي، تيل، گئس ۽ ڪوئلي سميت قدرتي وسيلن جي دولت سان مالا مال هجڻ جي باوجود ڀٽائي گهوٽ، سچل، سامي ۽ لعل شهباز جي سرزمين اڄ بُک، بدحالي ۽ غربت جي عملي تصوير بڻيل آهي. امن، ترقي توڙي سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ قابل ۽ ايماندار قيادت کي اڳتي آڻڻو پوندو. ايڪتا ڏهاڙي تي جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ صوبائي امير وڌيڪ چيو ته نااهل قيادت جي ڪري خوشحال سنڌ جو عوام اڄ جي جديد دور ۾ پڻ زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن صاف پاڻي، تعليم ۽ صحت جهڙين شين کان محروم آهي، جڏهن ته معصوم ٻارڙا کليل گٽرن ۾ ڪري موت جي آغوش ۾ وڃي رهيا آهن. سنڌ جي اقتدار تي گذريل17 سالن مزا ماڻيندڙ پيپلزپارٽيءَ جي مٿي تي جونءُ به نٿي سُري جنهن مان سندن بي حسي ۽ بدانتظامي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته قومي ڪاڄ ” ايڪتا جي ڏهاڙي“ تي قوم کي شعور ڏنو وڃي ته جيئن اُهي پنهنجا حق حڪمرانن کان کسي وٺن.#










