سنڌ حڪومت ۽ آءِ جِي سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تڪرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي  وڏي وزير جَي پي ايس او فرخ بشير جِي ترقي نه ٿيڻ تي تڪرار سبب سنڌ جي وڏي وزير جا آءِ جي سنڌ جا اختلاف وڌي ويا آهن.  ايس ايس پي فرخ بشير سميت ڪيترن ئي سينيئر آفيسرن جِي ترقي نه ٿي سگهي، وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته فرخ بشير جِي ترقي نه ٿيڻ جو ذميوار آءِ جِي مشتاق مهر آهي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي آءِ جِي ڏانهن ناپسنديدگي جَي اظهار جو خط لکڻ جِي هدايت ڪئي پر چيف سيڪريٽري طرفان ڪو خط نه لکيو ويو، ذريعن موجب سينٽرل سليڪشن بورڊ سنڌ رڳو ٽن آفيسرن جِي ترقي جِي منظوري ڏني آهي جن ۾ مقدس حيدر، عبدالسلام شيخ ۽ حميد کوسو شامل آهن، ترقي نه ٿيندڙ آفيسرن ۾ فرخ بشير، فيصل بشير، اعجاز شيخ ۽ ڊاڪٽر فاروق احمد شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو