سنڌ جي خانگي اسڪولن ۾ فائر سيفٽي سسٽم لازمي قرار

سنڌ جي خانگي اسڪولن ۾ فائر سيفٽي سسٽم لازمي قرار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم کاتي صوبي جي خانگي اسڪولن لاءِ باهه کان بچاءُ جي هدايتون جاري ڪيون آهن.اسڪول ايجوڪيشن کاتي خانگي تعليمي ادارن ۾ باهه کان بچاءُ جي قدمن تي فوري طور تي عمل درآمد جو حڪم ڏنو آهي، جنهن ۾ فائر الارم، اسموڪ ڊيٽيڪٽر ۽ باهه وسائڻ وارا اوزار لڳائڻ لازمي قرار ڏنا ويا آهن.اسڪول ايجوڪيشن کاتي هدايت ڪئي ته اسڪولن ۾ ايمرجنسي ايگزٽ ۽ زينا کليل ۽ صاف رکيا وڃن، چيو ته اسڪولن ۾ بجلي جي نظام جو باقاعدي معائنو لازمي آهي، جڏهن ته اهم هنڌن تي ايمرجنسي ايگزٽ پلان ڏيکارڻ پڻ ضروري آهي. هدايتن موجب، سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا فائر ڊرل ڪرڻ ۽ استادن ۽ عملي کي فائر سيفٽي ٽريننگ فراهم ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.ان کان علاوه، اسيمبلي پوائنٽس جو تعين پڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، خاص شاگردن لاءِ خاص سيڪيورٽي انتظامن جي هدايت ڪئي وئي آهي.سنڌ جي تعليم کاتي موجب، هدايتن تي عمل نه ڪندڙ اسڪولن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو