ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ اسيمبلي 14 سالن کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي پارلياماني ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ ستين سي پي اي (ڪامن ويٿ پارلياماني ايسوسيئيشن) ايشيا ريجنل ڪانفرنس ۽ ٻي گڏيل سي پي اي ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ريجنل ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن جو عنوان ”مستقبل جون پارليامينٽون: اعتماد، شموليت، جدت ۽ امن وسيلي جمهوريت جي نئين تشريح“ هو. ڪانفرنس ۾ ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي 4 ملڪن جي پارليامينٽن ۽ 17 رياستي اسيمبلين مان 150 کان وڌيڪ اسپيڪرن، ڊپٽي اسپيڪرن، پارليامينٽرين ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي۔ افتتاحي ۽ پلينري سيشنن دوران جمهوري ادارن جي استحڪام، پارلياماني هم آهنگي، عوامي اعتماد جي بحالي، شفافيت، شموليت، مصنوعي ذهانت، ماحولياتي چئلينجز ۽ علائقائي امن بابت تفصيلي خيالن جو اظهار ڪيو ويو. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاهه ستين سي پي اي ايشيا ريجنل ۽ ٻي گڏيل ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ڪانفرنس جي افتتاح تي معزز مهمانن جي آجيان ڪئي. هن سنڌ جي تاريخي، تهذيبي ۽ جمهوري سڃاڻپ کي اجاگر ڪيو ۽ دنيا ۾ جاري جنگين، ماحولياتي تبديلي، غربت، انتهاپسندي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي چئلينجن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. اسپيڪر چيو ته ڳالهه ٻولهه، پارلياماني سهڪار ۽ جمهوري قدرن جو واڌارو امن ۽ ترقي لاءِ لازمي آهي، جڏهن ته سي پي اي کي علائقي لاءِ هڪ اثرائتو پارلياماني پليٽ فارم قرار ڏنو. هن سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت تي روشني وجهندي چيو ته سنڌو درياهه نه رڳو زرخيزي پر ٻين ملڪن سان لاڳاپن جو ذريعو پڻ رهيو آهي. هن موهن جي دڙي ۽ مڪلي جي آثارن جو ذڪر ڪندي سنڌ جي عظيم تهذيب، ثقافت ۽ امن جي روايت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، هي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڌرتي آهي ۽ دنيا جي سڀ کان گهٽ عمر واري چونڊيل عورت وزيراعظم ۽ مسلم دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڌرتي آهي. سي پي اي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ڪرسٽوفر ڪليلا شموليت، جدت، شفافيت ۽ اخلاقي قيادت کي مستقبل جي پارليامينٽن جا بنيادي ٿنڀ قرار ڏنو ۽ عورتن، نوجوانن، اقليتن ۽ معذور ماڻهن جي اثرائتي نمائندگي تي زور ڏنو. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اهڙي اهم عالمي فورم تي ڳالهائڻ سندس لاءِ اعزاز آهي. هن چيو ته دنيا هن وقت سياسي بي اعتمادي، ماحولياتي بحران، ڊجيٽل چئلينجن ۽ جمهوري ڪمزورين جهڙن سنگين مسئلن مان گذري رهي آهي. هن سي پي اي ۽ سنڌ اسيمبلي پاران وقت تي ڪانفرنس گهرائڻ کي ساراهيو ۽ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي جي قيادت کي ڀيٽا پيش ڪئي. شرجيل انعام ميمڻ موجب مضبوط، شفاف، جامع ۽ جديد پارليامينٽون ئي مضبوط جمهوريتن جي بنياد هونديون آهن، جڏهن ته امن، ڳالهيون ۽ علائقائي سهڪار جمهوري استحڪام لاءِ لازمي آهن. خاص مهمان، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ ڪامن ويٿ پارلياماني وفدن جو اجتماع جمهوريت، پارلياماني قدرن ۽ عالمي سهڪار سان وابستگي جي علامت آهي. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي جي عمارت پاڪستان جي قيام جي تاريخي لمحن جي شاهد آهي ۽ سنڌ هميشه جمهوري قدرن، ثقافت ۽ فڪري ورثي جو مرڪز رهي آهي. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي عورتن جي سياسي نمائندگي ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ پاڪستان مسلم دنيا کي پهرين چونڊيل خاتون وزيراعظم ڏني. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر موجب مستقبل جي پارليامينٽن لاءِ اعتماد، شموليت، جدت ۽ امن بنيادي عنصر آهن. هن نوجوانن، عورتن، اقليتن ۽ محروم طبقن جي نمائندگي، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال، احتساب، وفاقيت ۽ عالمي امن جي واڌاري تي زور ڏنو. مانجهاندي کانپوءِ پلينري سيشن ٿيو، جنهن جو عنوان ”امن ۽ جمهوري اعتماد ۾ پارليامينٽ جو ثالثي ڪردار“ هو. مالديپ جي پيپلز مجلس جي ڊپٽي اسپيڪر احمد ناظم چيو ته امن رڳو جنگ جي غير موجودگي جو نالو ناهي، پر اهو شهرين جي جمهوري ادارن تي اعتماد سان جڙيل آهي. هن چيو ته شفاف، جامع ۽ جوابده ادارا ئي پائيدار امن جو بنياد آهن، جڏهن ته ادارن تي اعتماد جي کوٽ سماجي ورڇ، بي چيني ۽ آمريت کي جنم ڏئي سگهي ٿي. هن مالديپ جي جمهوري جدوجهد جو حوالو ڏيندي چيو ته 2008ع ۾ ملڪ پرامن طريقي سان گهڻ پارٽي جمهوريت ۾ داخل ٿيو، جتي نئين آئيني پارلياماني حڪمراني، نگراني ۽ بنيادي حقن جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سري لنڪا جي پارليامينٽ جي ڊپٽي اسپيڪر ڊاڪٽر محمد رضوي صالح پاڪستان سان پنهنجي تعليمي وابستگي جو ذڪر ڪندي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته 2022ع جي شديد معاشي ۽ جمهوري بحران کان پوءِ پارليامينٽ ڳالهه ٻولهه، شفافيت ۽ نگراني ذريعي عوامي اعتماد بحال ڪيو. پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان سيشن کي خطاب ڪندي چيو ته پارليامينٽون جمهوريت جو بنياد آهن ۽ عوام جو اعتماد سڌي طرح پارلياماني طرزِ عمل سان ڳنڍيل آهي. هن خبردار ڪيو ته ايوانن ۾ تشدد، هنگامو ۽ غير سنجيده رويا جمهوريت کي نقصان پهچائين ٿا، خاص طور انهن طبقن لاءِ جيڪي بنيادي سهولتن کان محروم آهن. هن چيو ته پارليامينٽن کي ڳالهيون، مصالحت ۽ تڪرارن جي حل جو مرڪز هئڻ گهرجي. مصنوعي ذهانت کي هڪ وڏو چئلينج ۽ ساڳي وقت هڪ موقعو قرار ڏيندي هن ان بابت اثرائتي قانون سازي ۽ نگراني تي زور ڏنو. آخر ۾ هن عورتن جي تحفظ بابت سنڌ اسيمبلي جي قانونن کي ساراهيو ۽ علائقائي ۽ عالمي پارلياماني ڳالهيون جاري رکڻ جي اهميت اجاگر ڪئي. ملائيشيا جي ڪيلانٽن اسٽيٽ ليجسليٽو اسيمبلي جي اسپيڪر داتو سري امار دراجه ڊاڪٽر حاجي محمد امار بن عبدالله ستين سي پي اي ايشيا ريجنل ۽ ٻي گڏيل ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ڪانفرنس ۾ شرڪت کي اعزاز قرار ڏنو. هن پاڪستان جي پارليامينٽ، سنڌ اسيمبلي ۽ سي پي اي ايشيا سيڪريٽيريٽ جي مهمان نوازي ۽ بهترين انتظامن کي ساراهيو. هن چيو ته هي ڪانفرنس ايشيائي خطي جي اسپيڪرن ۽ پارليامينٽرينز لاءِ تجربن جي ڏي وٺ ۽ پارلياماني جمهوريت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ هڪ اثرائتو پليٽ فارم آهي. هن اسپيڪر جي غير جانبدار ڪردار، انصاف ۽ نظم و ضبط جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته اسپيڪر کي حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي سان هڪجهڙو رويو رکڻ گهرجي ته جيئن پارلياماني بحث بامقصد ۽ عوامي مفاد ۾ هجن. ملائيشيا جي پاهانگ اسٽيٽ ليجسليٽو اسيمبلي جي اسپيڪر داتو سري حاجي محمد شرڪار بن حاجي شمس الدين ستين سي پي اي ايشيا ريجنل ڪانفرنس ۾ شرڪت کي اعزاز قرار ڏيندي پاڪستان جي مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا. هن امن ۽ جمهوري اعتماد جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته پارليامينٽون رڳو قانون ساز ادارا نه، پر قوم ۽ عوام جي وچ ۾ اعتماد جا امين آهن. هن اختلافن کي ڳالهين ۽ ووٽ ذريعي حل ڪرڻ، شموليت کي هٿي ڏيڻ، سهڪار ۽ مفاهمت کي اوليت ڏيڻ تي زور ڏنو. هن ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن کي تجربن جي ڏي وٺ ۽ گڏيل قدرن لاءِ اهم پليٽ فارم قرار ڏنو. سيلانگور اسيمبلي جي اسپيڪر لاو وِنگ سان ستين سي پي اي ايشيا ريجنل ڪانفرنس ۾ شرڪت تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. هن امن ۽ اعتماد جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته اسپيڪر جو ڪردار جج کان به وڌيڪ اهم هوندو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو فوري فيصلا ڪري ٿو. هن سياسي جماعتن جي سهڪار، شفاف چونڊن ۽ عوامي شموليت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. پارلياماني شفافيت لاءِ سيلانگور اسيمبلي جي سڌي نشريات جو مثال ڏيندي، هن غلط معلومات جي ترسيل کي روڪڻ لاءِ قانون سازي جي ضرورت تي زور ڏنو. آخر ۾ هن ملائيشيا جي گهڻ نسلي ۽ گهڻ ثقافتي سماج ۾ سهڪار ۽ مفاهمت جي اهميت بيان ڪئي. برطانيا جي ايوانِ بالا (هائوس آف لارڊز) جي ميمبر پال ياو بوٽنگ چيو ته اعتماد جمهوريت جو بنياد آهي ۽ پارليامينٽون عوامي نمائندگي، جمهوري جواز ۽ ترقي جا مرڪزي ادارا آهن. هن چيو ته موجوده عالمي چئلينجز، جن ۾ ماحولياتي بحران، جيوپوليٽيڪل تڪرار، واپاري جنگيون، بجيٽ جون پابنديون ۽ عوامي بي اعتمادي شامل آهن، پارليامان جي اهميت کي وڌيڪ وڌائين ٿا. هن زور ڏنو ته پارليامان کي رڳو تقريرن تائين محدود نه رهڻ گهرجي، پر عملي نتيجا، شفاف نگراني ۽ عوامي اعتماد کي يقيني بڻائڻ گهرجي۔ هن مصنوعي ذهانت ۽ بلاڪ چين کي شفافيت ۽ عوامي خدمتن ۾ بهتري لاءِ اثرائتا اوزار قرار ڏنو. هن نوجوانن جي پارلياماني عمل ۾ شموليت، پائيدار ترقياتي هدفن (SDGs) تي ڌيان ۽ عورتن ۽ نياڻين جي تعليم ۽ صنفي برابري جي واڌاري تي پڻ زور ڏنو. پڄاڻي تي هن اتحاد، عمل ۽ ڪامن ويلٿ جي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي اپيل ڪئي ۽ قائداعظم محمد علي جناحؒ جي قول جو حوالو ڏيندي چيو ته اتحاد جي لاٽ اونداهن رستن کي روشن ڪري ٿي. سينيٽر ميان رضا رباني ستين سي پي اي ايشيا ريجنل ڪانفرنس جي موضوع کي انتهائي بروقت ۽ اهم قرار ڏنو. هن چيو ته عالمي ۽ علائقائي سطح تي جمهوري ادارا سياسي ورڇ، تيز رفتار ٽيڪنالاجي، ماحولياتي دٻاءُ، پاپولزم ۽ عوامي بي اعتمادي جهڙن پيچيده چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن پارليامينٽ جي اهميت ۽ ڳالهين ۽ مفاهمت وسيلي امن ۽ استحڪام قائم رکڻ جي ڪردار تي زور ڏنو ۽ پاڪستان جي تجربن ــ جهڙوڪ 18هين آئيني ترميم، ستين اين ايف سي ايوارڊ، پارلياماني ڪميٽين، شفافيت ۽ عوامي شڪايتن جي نظام کي خطي لاءِ اهم قرار ڏنو. هن عورتن، نوجوانن ۽ محروم طبقن جي شموليت کي جمهوري امن لاءِ بنيادي شرط قرار ڏيندي مفاهمت کي هڪ لڳاتار جمهوري عمل سڏيو. سيشن کي خيبر پختونخوا اسيمبلي جي اسپيڪر بابر سليم سواتي پڻ خطاب ڪيو. ان کان اڳ سنڌ اسيمبلي ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن (سي پي اي) ايشيا ريجن جي برانچ سيڪريٽرين جي اعليٰ سطحي اجلاس جي ميزباني ڪئي. اجلاس جو بنيادي مقصد ايشيا پارلياماني ايڪسچينج پروگرام لاءِ تيار ڪيل ”ڊرافٽ ڪانسيپٽ نوٽ“ کي حتمي شڪل ڏيڻ هو، جنهن جو مقصد ميمبر برانچن ۾ ادارتي سکيا ۽ جمهوري صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ آهي. اجلاس ۾ پارلياماني سيڪريٽرين ۽ سينيئر قانون ساز عملدارن شرڪت ڪئي ۽ ايگزيڪيوٽو ڪردار، ڪميٽي نگراني، تڪبندي ۽ مختلف قانون سازي ماڊلز تي تفصيلي غور ڪيو ويو. پروگرام 5 کان 7 ڏينهن جي مختصر دورن تي مشتمل هوندو، ته جيئن پارلياماني ميمبرن کي عملي تربيت ۽ گڏيل جمهوري قدرن کي عملي صورت ڏني وڃي. شرڪت ڪندڙن پروگرام جي انتظام، نگراني ۽ اثرن بابت اتفاقِ راءِ قائم ڪيو، جنهن کي سي پي اي ايشيا ريجنل سيڪريٽيريٽ ذريعي هم آهنگ ڪيو ويندو. اجلاس کي ايشيا ۾ مضبوط ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس پارلياماني نيٽ ورڪ ڏانهن اهم قدم قرار ڏنو ويو. انهيءَ دوران ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن (سي پي اي) ايشيا ريجن جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اهم اجلاس پڻ سنڌ اسيمبلي ۾ منعقد ٿيو، جيڪو ستين سي پي اي ايشيا ريجنل ڪانفرنس ۽ ٻي گڏيل ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ريجنل ڪانفرنس 2026 جي سلسلي ۾ ڪوٺايو ويو هو. واضح رهي ته 3 کان 7 فيبروري تائين سنڌ اسيمبلي جي ميزباني هيٺ ستين سي پي اي ايشيا ريجنل ڪانفرنس ۽ ٻي گڏيل سي پي اي ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ريجنل ڪانفرنس جو سلسلو جاري رهندو، جنهن دوران مختلف ملڪن جا وفد مختلف سيشنن کي خطاب ڪندا.










