حيدرآباد: (ن س ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينئر اڳواڻن جو هڪ اهم اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ موجوده سياسي صورتحال، سنڌ کي درپيش خطرن ۽ يومِ مادرِ وطن جي تيارين بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ متفقه طور فيصلو ڪيو ويو ته 14 فيبروري 2026ع تي، محبتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي، يومِ مادرِ وطن قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو. ان سلسلي ۾ يومِ مادرِ وطن جو ساليانو عظيم الشان جلسو 14 فيبروري تي هٽڙي بائي پاس تي منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ لکين سنڌي عوام شرڪت ڪري مادرِ وطن سان محبت، وفاداري ۽ جدوجهد جو وچن ورجائيندا. فيصلي موجب جلسي دوران مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن کي يومِ مادرِ وطن ايوارڊ پڻ ڏنا ويندا. ان کان علاوه جلسي ۾ شرڪت لاءِ ناليوارن اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ سياسي اڳواڻن کي دعوتون ڏنيون وينديون، جڏهن ته سنڌ جا مشهور فنڪار پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا.اجلاس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته هن سال يومِ مادرِ وطن جو جلسو تاريخي نوعيت جو هوندو. محبتن جي عالمي ڏينهن تي لکين سنڌي گڏ ٿي پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت جو اظهار ڪندي عهدِ وفا ورجائيندا. هن چيو ته جيستائين هن ملڪ ۾ سمورن صوبن کي برابري جي بنياد تي حق ڏئي پارليامينٽ جي بالادستي قائم نه ڪئي ويندي تيستائين ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت قائم نه ٿي سگهندي سنڌ جي عوام کي هاڻي سجاڳ ٿيڻو پوندو، ڇو ته هن وقت سنڌ خلاف سازشون تيزي سان وڌي رهيون آهن.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي درپيش سمورين مصيبتن مان ڇوٽڪاري جو واحد حل اهو آهي ته عوام متحد ٿي جاگيردار طبقي کان اقتدار کسي، پورهيت ۽ محنت ڪش طبقي جي حقيقي نمائندن کي اقتدار تائين پهچائي. هن چيو ته سنڌ ست ڪروڙ سنڌين جو وطن آهي، جنهن خلاف ڪنهن به قسم جي سازش برداشت نه ڪئي ويندي. سنڌو درياءِ جي پاڻي ۽ سنڌ جي وحدت خلاف ڪابه بڪواس برداشت نه ڪئي ويندي.ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته الله تعاليٰ سنڌ کي هر نعمت سان مالا مال ڪيو آهي، پر افسوس جو هن شاهوڪار خطي جا ماڻهو اڄ هڪ ويلي ماني لاءِ پريشان آهن. ڪرپشن، لُٽ مار ۽ بدانتظامي سبب سنڌ ڪنگال بڻجي وئي آهي. پيپلز پارٽي سنڌي عوام کان ووٽ وٺي اقتدار ۾ پهچي عوام کي وساري ڇڏيو آهي ۽ سنڌ اندر جاگيردارن کي مظبوط ڪيو آهي. پ پ پ سدائين سنڌ دشمن ۽ عوام دشمن فيصلا ڪندي رهي آهي اقتداري ۽ وفاقي پارٽين کي عوام جي ڏکن ڏاکڙن سان ڪو به واسطو ناهي رهيو. انڪري هاڻي جاگيردار دوست وفاقي پارٽين مان عوام کي ڪابه اميد نه رکڻ گهرجي.اجلاس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي، هوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، قادر چنا، امتياز سمون، ڊاڪٽر سومار مڱريو، حيدر ملاح، گوتم چنا، ڊاڪٽر مظھر ميمڻ، جان محمد جوڻيجو، محمد علي ابڙو سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.










