ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ سخت ڪوهيڙي سبب عام زندگي متاثر ٿي آهي. پشاور کان غازي هزارو انٽرچينج تائين موٽر وي ايم-1 بند ڪيو ويو آهي.ساڳئي طرح، ٺوڪر نياز بيگ کان بالاڪسر تائين ايم-2، فيض پور کان درخانه تائين ايم-3، پنڊي ڀٽيان کان شيرشاه تائين ايم-4 بند ڪيو ويو آهي.سکر کان ملتان تائين موٽر وي ايم-5 ۽ خردپا کان عيسيٰ خيل تائين ايم-14 بند ڪيو ويو آهي.بهاولپور ۾ ڪوهيڙي سبب ٽرڪ ۽ ٻن ڪارن جي وچ ۾ ٽڪر ۾ ٽي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. انڊس هاءِ وي تي حد نظر صفر آهي.










